اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وضاحت باوجود پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو چيئرمين رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ طلب ڪرڻ تي بضد آهي
پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي آڊٽ اعتراضن تي جواب ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي اڄ وري طلب ڪري ورتو آهي
رجسٽرار سپريم ڪورٽ کان 1987ع کان وٺي هن وقت تائين 95 آڊٽ اعتراضن جا جواب طلب ڪيا ويا آهن
ياد رهي ته اسسٽنٽ رجسٽرار سپريم ڪورٽ پاران خط ذريعي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي اڳيان آئيني ۽ قانوني نقطا واضح ڪيا ويا هئا