سپريم ڪورٽ حڪومت کي 72 ڪلاڪ جي مهلت ڏني آهي: شيخ رشيد
اپريل 1, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو مامرن جي اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ حڪومت کي وڌيڪ 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏني آهي، پيسن ۽ سيڪيورٽي جو بندوبست ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، نه ته اسان ٻڌائينداسين ته اهو بندوبست ڪيئن ٿيندو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾هن وڌيڪ چيو ته ججن جي خلاف جيڪا تحريڪ هلي رهي آهي چيف جسٽس ان جو به سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.