خصوصي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر
ڊسمبر 9, 2023
سپريم ڪورٽ خصوصي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون
جسٽس سردار طارق جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بئنچ 13 ڊسمبر تي ٻڌڻي هلائيندي
لارجر بئنچ ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس حسن اظهر، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت شامل آهن
وفاقي حڪومت، دفاع واري وزارت، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي حڪومتن خصوصي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل روڪڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو آهي
وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته ملٽري ڪورٽس ڪيس ۾ جوڙيل بينچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون تحت نه هئي، 5 رڪني لارجر بئنچ جو قيام قانون موجب نه هئڻ ڪري ان جو فيصلو به اڻ اثرائتو آهي
درخواستن تي حتمي فيصلي تائين خصوصي عدالتن ۾ ٽرائل روڪڻ خلاف منع نامو جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي
سپريم ڪورٽ 23 آڪٽوبر تي فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏنو هو
فيصلي ۾ آرمي ايڪٽ ڊي ٽو جي ذيلي شقن هڪ ۽ 2 کي به ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو