سپريم ڪورٽ عمران خان کي ڪرپشن ۾ اين آر او ڏنو آهي، ڇا عدليه نواز شريف سان به اهڙو ورتاءُ ڪندي؟ وزيراعظم

مَي 12, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي ڪرپشن ۾ اين آر او ڏنو آهي، ڇا عدليه نواز شريف سان به اهڙو ورتاءُ ڪندي. وفاقي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عدليه عمران خان تي داخل ٿيل ڪيسن ۾ فولادي ڀت بڻجي بيهي رهي آهي، ڇا عدالت عمران خان جي ڪوڙين دعوائن جو به ڪڏهن نوٽيس ورتو آهي؟ وزيراعظم چيو ته عمران نيازي رٿابندي تحت حساس ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا، 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو المناڪ ڏينهن هو، جيڪو ڪجهه ٿيو ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي هوندي. شهباز شريف چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت تي به ڪنهن فوجي ٺڪاڻن جو رخ نه ڪيو، آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو ۽ قائد جو پاڪستان بچي ويو، جعلي ڪيسز ۾ سياسي قيادت کي جيل اماڻيو ويو، ڇا ان وقت ڪنهن پاڻمرادو نوٽيس ورتو؟ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين

Leave A Comment