اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي محفوظ ٿيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، اٽارني جنرل کي عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 6 رُڪني لارجر بئنچ فوجي عدالتن خلاف فيصلي بابت انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي
اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته مجموعي طور 105 جوابدار فوج جي تحويل ۾ آهن، بريت ۽ گهٽ سزا وارن جوابدارن کي رعايت ڏئي آزاد ڪيو ويندو، 20 جوابدار اهڙا آهن، جيڪي عيد کان اڳ آزاد ٿي سگهن ٿا
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪوشش ڪريو عيد کان ٽي چار ڏينهن اڳ کين آزاد ڪيو وڃي، اٽارني جنرل چيو ته ٺيڪ آهي، ڪوشش ڪنداسين، ڪيس تي ٻڌڻي اپريل جي چوٿين هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي