سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي

آگسٽ 2, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾  سويلنز جا ڪيس هلائڻ بابت درخواستن ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو ته فل ڪورٽ سيپٽمبر تائين دستياب ناهي، عدالتي موڪلون هلي رهيون آهن، سمورن ججز جون نجي مصروفيتون به آهن جيڪي هن ڪيس جي ڪري معطل آهن، ٻن موقعن تي پهريان ٻيون بينچز معطل ڪري فل ڪورٽ ٺاهي

اڄ ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل کي روسٽرم تي گهرايو ويو، جنهن چيو ته ڪيترائي ڀيرا عدالت کي خاطري ڪرائي چڪو آهيان ته 9 مئي واقعن ۾ جيترا به گرفتار ماڻهو آهن انهن جي عزت ۽ وقار جو خيال رکي ويندو، سموريون سهولتون ڏنيون وينديون

درخواستگذارن جي وڪيل فل ڪورٽ جوڙڻ بابت دليل به ڏنا، چيف جسٽس چيو ته فل ڪورٽ جوڙڻ في الحال ممڪن ناهي عدالتون موڪلون هلي رهيون آهن ڪجهه ججز نجي مصروفيتن جي ڪري ملڪ ۾ موجود ناهن، هتي جيڪي جج آهن انهن کي به موڪلن تي وڃڻو آهي. سيپٽمبر تائين فل ڪورٽ دستياب ناهي

چيف جسٽس چيو ته اسان صرف خدا تعاليٰ کي جوابده آهيون، ان ڪري سمورين مصروفيتن باوجود پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي، ڪجهه ماڻهو تنقيد ڪندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهن کي اسان جو ڪم پسند ايندو آهي، اسان صحيح يا غلط ڪري رهيا آهيون اهو فيصلو وقت ۽ تاريخ ڪندي، ڪنهن کي پسند اچي يا نه پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين

فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي، سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جوڙڻ بابت فيصلو محفوظ ڪيو هو

Leave A Comment