جج شوڪت صديقي ڪيس ۾ فيض حميد کي نوٽيس: پسنديده اميدوار کي کٽرائڻ لاءِ هڪ ماڻهو ٻاهر رکيو ويندو آهي: چيف جسٽس

ڊسمبر 15, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي کي هٽائڻ واري ڪيس ۾ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه فيض حميد ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس انور ڪاسي، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي رجسٽرار ارباب محمد عارف  ۽ آءِ ايس آءِ جي رٽائرڊ  برگيڊيئر عرفان رامي کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو،   اڳوڻي جج شوڪت عزيز جي وڪيل حامد خان ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ 7 ڄڻن جا نالا ڌر طور شامل ڪرڻ جي استدعا ڪئي، حامد خان اڳوڻي آرمي چيف رٽائرڊ جنرل قمر جاويد باجوه، فيض حميد، انور ڪاسي، ارباب محمد عارف، طاهر وفائي، رٽائرڊ برگيڊيئر عرفان رامي ۽  رٽائرڊ برگيڊيئر فيصل مروت کي ڌر بڻائڻ جي استدعا ڪئي، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته رٽائرڊ جنرل قمر جاويد باجوه، طاهر وفائي ۽ رٽائرڊ برگيڊيئر فضل مروت جو هن معاملي سان ڪو به سڌو تعلق نه آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڪيل حامد خان کي مخاطب ٿي پڇيو ته ڇا الزام هيٺ آيل جرنيلن پاڻ 2018 ۾ اقتدار ۾ اچڻ پئي گهريو؟ الزام درست آهن ته پوءِ انهن جرنيلن ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ پئي گهريو؟ جنهن جي اهي جرنيل سهولتڪاري ڪري رهيا هئا اهو ڪير هو؟ هنن وزيراعظم کي هٽائي جنهن کي آڻڻ پئي گهريو اهو ڪير هو؟ توهان سهولتڪارن کي ته ڌر بڻايو آهي فائدو وٺندڙن کي ڌر ڇو نه بڻايو آهي؟ آرٽيڪل 184 ٽي جي درخواست ۾ عدالت جو اختيار شروع ٿي چڪو آهي، فوجي آفيسر ڪنهن کي فائدو ڏئي ته اهو به هن ڄار ۾ ڦاسندو، شوڪت صديقي جيڪي سنگين الزام هنيا انهن جا نتيجا به سنگين هوندا، سپريم ڪورٽ کي ڪنهن جي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقيءَ جي درخواست تي ٻڌڻي لائيو جاري رهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته هڪ شخص کي ٻاهر ان ڪري رکيو ويندو آهي ته جيئن پسنديده اميدوار کٽي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي نااهل ڪيو وڃي ته ڪنهن کي فائدو به ته ٿيندو، اسان اوهان کي ناهي گهرايو، اوهان پاڻ هتي آيا آهيو،هاڻي مرضي اسان جي هلندي، ايئن نه ٿو ٿي سگهي اوهان فرد واحد جو ڪيس کڻي اچو، آئين ۽ باقي ڪنهن کي نه ڏسو، جڏهن اسان وٽ آئين آهي ته اسان ان موجب هلنداسين، اهو ٿي نه ٿو سگهي ته اسان کي چيو وڃي ته هي ڪريو يا هو ڪريو، جيڪڏهن اوهان ايئن ڪيو ته پوءِ آئين، عدليه ۽ جمهوريت تي وڏو حملو هوندو، ان جو اسان وري نوٽيس وٺنداسين ۽ حتمي هنڌ تي پهچائينداسين، چيف جسٽس چيو ته منهنجو سوال آهي ته فوج آزاد ادارو آهي يا گھڪومت جي ماتحت آهي، حڪومت جو سربراهه ڪير هوندو آهي؟ جنهن تي وڪيل حامد خان جواب ڏنو ته حڪومت جو سربراهه صدر هوندو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته صدر جا اختيار تمام گهٽ آهن، هو پاڻ وزيراعظم جي ايڊوائس تي هلندو آهي، وفاقي حڪومت  ۽ ڪابينا هڪ شخص نه آهن، جڏهن اسان وٽ آئين آهي ته اسان ان موجب هلنداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment