سپريم ڪورٽ پاران فوجي عدالتن ۾ شهرين جا ڪيس هلائڻ ڪالعدم قرار: 9 ۽ 10 مئي جي جوابدارن جا ڪيس عام عدالتن ۾ هلائڻ جو حڪم

آڪٽوبر 23, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ شهرين جا ڪيس هلائڻ کي ڪالعدم قرار ڏئي 9 ۽ 10 مئي جي جوابدارن جا ڪيس عام عدالتن ۾ هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جسٽس اعجازالاحسن چوڌري جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ملٽري ايڪٽ جي سيڪشن ٽُو ون ڊِي جون ٻئي ذيلي شقون آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهن

 آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي شق 59 چار به غير آئيني قرار ڏني وئي، جسٽس يحيٰ آفريدي آرمي ايڪٽ جي شقن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت پنهنجي راءِ محفوظ رکي، باقي فيصلو 5 رڪني بينچ جي مڪمل اتفاق راءِ سان ٻڌايو ويو

سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته جن 102 ماڻهن جي لسٽ فراهم ڪئي وئي انهن جا ڪيس فوجداري عدالتن ۾ هلايا وڃن، فوجي عدالت ۾ ڪنهن شهريءَ جو ٽرائل ٿيو آهي ته ان کي ڪالعدم سمجهيو وڃي

اٽارني جنرل عثمان منصور دليلن دوران انڪشاف ڪيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث سويلينز جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل شروع ٿي چڪو آهي، عدالت اٽارني جنرل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ڪجهه دير لاءِ محفوظ ڪرڻ بعد فيصلو ٻڌايو

Leave A Comment