| سپريم ڪورٽ پاران کير ۾ ملاوٽ ڪندڙ جوابدار جي ضمانت رد |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ کير ۾ ملاوٽ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار غلام نبي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ساٿين سان گڏجي فوڊ اٿارٽي جي ملازمن تي حملو ڪيو. جوابدارن وٽان پستول پڻ هٿ آيا هئا. جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته ڇا فوڊ اٿارٽي بغير وارنٽ جي ڪنهن جي حدن ۾ داخل ٿي سگهي ٿي. ڇا ڪنهن جي حدن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ فوڊ اٿارٽي کي اختيار حاصل آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته کين جعلي کير بابت پڪو اطلاع هو. جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته ڇا صرف اطلاع ملڻ کان پوءِ ڪنهن جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي وڃي ٿي جوابدارن جي وڪيل چيو ته سمورا الزام ڪوڙا آهن. 8 جوابدارن کي اڳ ئي ضمانت ملي چڪي آهي، جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته معاشرو ايترو خراب ٿي چڪو آهي جو هو پاڻ به پريشان آهن ته ڇا ڪن. وڪيل ٻڌايو ته جوابدار 6 مهينن کان جيل ۾ آهي. جسٽس ملڪ شهزاد رمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار اهڙو ڪم ڪيو آهي جو کيس وڌيڪ ڏهه ڀيرا اندر رکڻ گهرجي ها. جيڪڏهن سرڪاري ملازمن سان اهڙو رويو رکيو ويندو ته سرڪاري ڪم ڪيئن هلندو جنهن بعد عدالت جوابدار غلام نبي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.