سپريم ڪورٽ پرويز الاهي جي اپيلن تي فيصلو ٻڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

آگسٽ 16, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ کي پرويز الاهي جي اپيلن تي فيصلو ٻڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

 سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي،

سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ کي 21 آگسٽ تائين اپيلن تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت  چيو ته هاءِ ڪورٽ 21 آگسٽ تائين پرويز الاهي جي اپيلن تي فيصلو نه ڪيو ته گرفتاري جو حڪم معطل تصور ڪيو ويندو

 عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment