اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنهنجي ملازمن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، رجسٽرار آفيس کي 7 ڏينهن اندر معلومات فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
عدالت قرار ڏنو ته معلومات تائين رسائي جو قانون سپريم ڪورٽ تي لاڳو نٿو ٿئي، پر آرٽيڪل 19 تحت معلومات تائين رسائي ڏئي رهيا آهيون
چيف جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽئي رڪني ڪاميٽي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو، عدالت درخواستگذار کي تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو, جسٽس اطهر من الله فيصلي ۾ اضافي نوٽ به لکيو آهي
فيصلي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ کي 8 مختلف معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني وئي، 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ معلومات تائين رسائي وارو قانون موجود آهي
آمريڪي عدالت معلومات تائين رسائي کي جمهوريت، احتساب ۽ ڪرپشن کان تحفظ قرار ڏنو آهي، حضرت عمر کان ڪپڙن جي باري ۾ پڇڻ تي اعتراض نه ڪيو ويو، هن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان معلومات فراهم نه ڪرڻ جو ڪارڻ ناهي، معلومات ڏيڻ گهرجي