سائفر ڪيس: سپريم ڪورٽ پاران عمران جي ضمانت بابت درخواست منظور، حڪومت کي نوٽيس
نومبر 22, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي حڪومت، گهرو وزارت، ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس طارق مسعود جي سربراهي ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس عائشه ملڪ تي ٻڌل 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سائفر ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان طرفان سندس وڪيل سلمان صفدر پيش ٿيو ۽ هن ايف آءِ آر عدالت ۾ پڙهي ٻڌائي. جسٽس طارق سوال ڪيو ته اهو معاملو ڪڏهن جو آهي؟ جنهن تي سلمان صفدر چيو ته اهو معاملو 2022 جو آهي جنهن تي جسٽس طارق مسعود چيو ته سائفر جو ڪيس داخل ٿيڻ ۾ پورو سال لڳائي ڇڏيو آهي. ڪجهه قلمن ۾ سزا 2 سالن جي آهي. ڪجهه ۾ سزاءِ موت ۽ عمر قيد آهي. جسٽس طارق ايف آءِ اي جاچ آفيسر کي بنا نوٽيس پيش ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي ڪنهن گهرايو آهي؟ پويان وڃي ويهي رهو؟ سلمان صفدر انڪوائري رپورٽ ۽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين تي لڳايل الزام پڙهي ٻڌايا ۽ چيو ته الزام لڳايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران، اعظم خان کي سائفر کي غلط رنگ ڏيڻ جو چيو. الزام لڳايو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين رياست کي نقصان پهچايو. جسٽس طارق مسعود پچيو ته شريڪ جوابدارن جي ڪردار جو تعين ٿيو؟ ان تي وڪيل صفائي چيو ته اسد عمر کي ڇڏيو ويو ۽ اعظم خان کي جوابدار مان سلطاني شاهد بڻايو ويو، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته پهرين ڪيس تي چيو ويو ته اعظم خان جوابدار آهي. انڪوائري ۾ چيو ويو هو ته شريڪ جوابدارن جو ڪردار جاچ ۾ طئي ڪيو ويندو. حتمي جاچ رپورٽ ۾ اعظم خان بابت جاچ آفيسر ڇا چيو؟ عدالت جي پڇڻ تي سلمان صفدر چيو ته جاچ آفيسر ڪوبه چٽو موقف ناهي ٻڌايو. اعظم خان اغوا ٿيو ۽ ان جي گهر ڀاتين ڪيس به اغوا جو داخل ڪرايو. اغوا کان پوءِ حيران ڪندڙ طور اعظم خان جو 164 جو بيان سامهون آيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته سائفر هڪ سيڪريٽ دستاويز هو يا نه؟ سلمان صفدر چيو ته سائفر ڊي ڪلاسيفائيڊ ٿيڻ کان پوءِ سيڪريٽريٽ دستاويز نه هو. عدالت چيو ته ڊي ڪلاسيفائيڊ ٿيڻ کان پهريان ڇا جوابدار سائفر ڪنهن کي ڏيکاريو؟ وڪيل چيو ته ان دوران سائفر ڪنهن کي به نه ڏيکاريو ويو. عدالت سوال ڪيو ته سائفر هوا ۾ لهرائي ٻڌايو وڃي ته ان ۾ ڇا لکيل آهي. ته ڇا اهو ڏوهه جي زمري ۾ نٿو اچي؟ هن وقت اسان الزامن جو ٽرائل نه ڪري رهيا آهيون. الزام ڪهڙا آهن صرف اهو ڏسي رهيا آهيون. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ان وقت وزيراعظم هو ۽ ان اجلاس ۾ ساٿين سان سائفر شيئر ڪيو هو جيڪڏهن سائفر تي سازش ڪري رهيو هو ته ان اجلاس کي ڇو رڪارڊ ڪيو؟ اسان جي سامهون مسئلو سائفر جو متن ليڪ ڪرڻ جو آهي. جسٽس طارق مسعود چيو ته سائفر ڪيس جو ٽرائل ڪالعدم ٿيڻ سان اوهان کي نقصان ٿيو آهي. سائفر ڪيس جي ٽرائل ۾ جيڪڏهن ڪا گهٽ وڌائي ٿي هئي ته ان کي دفاع لاءِ اوهان بعد ۾ استعمال ڪري سگهو ٿا. سائفر ٽرائيل ڪالعدم ٿيڻ کان پوءِ استغاثه سموريون غلطيون ختم ڪري ٽرائل ڪندو. اسان جي سامهون ضمانت جو ڪيس هو جنهن تي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. صحافي بعد ۾ چوندا جج صاحب جو موڊ صحيح نه هو ان ڪري ضمانت نه ڏني جڏهن ته اڄ نوٽيس ئي جاري ٿي سگهي ٿو. جنهن کان پوءِ عدالت سائفر ڪيس ۾ رياست ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.