سپريم ڪورٽ کي ڪهڙو جواب ڏجي؟ اليڪشن ڪميشن جو قانوني ماهرن سان مشاورت جو فيصلو
سيپٽمبر 19, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم بابت اليڪشن ڪميشن کان طلب ڪيل وضاحت بابت قانوني ماهر سان صلاح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي
ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن کان وضاحت طلب ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو
اجلاس ۾ ميمبرن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ قانوني ٽيم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت مختصر حڪم تي غور ڪيو ويو
اليڪشن ڪميشن طرفان طلب ڪيل وضاحت جي جواب ۾ سپريم ڪورٽ جي 14 سيپٽمبر واري حڪم تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ مخصوص سيٽن بابت پارليامينٽ پاران جوڙيل قانونسازي تي به غور ڪيو ويو
اجلاس ۾ قانوني نقطن ۽ اثرن جو به جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن قانوني ماهرن سان مشاورت جو فيصلو ڪيو، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو اجلاس (اڄ) ٻيهر ٿيندو.