سپريم ڪورٽ ۾ به 27هين ترميم جو پڙاڏو: دلچسپ رمارڪس

سپريم ڪورٽ ۾ به 27هين ترميم جو پڙاڏو: دلچسپ رمارڪس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ به 27 هين آئيني ترميم جو پڙاڏو، ججز ۽ وڪيلن جي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي. وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو ڪو به ڪجهه بڳاڙي نٿو سگهي، عمارت ئي وٺڻي هئي ته وفاقي شرعي عدالت جي ڇو؟ اِن سان گڏ واري عمارت ورتي وڃي ها. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اِهو ئي ايمان آهي ته پوءِ فڪر جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ته رات جو اوهان جي حق ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي. جسٽس امين الدين خان چيو ته اسان آئين جا پابند آهيون. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ آئيني بئنچ سول سروس رولز متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس امين الدين خان پڇيو ته ڇا هي ڪيس اڄ ختم ٿي ويندو. وڪيل فيصل صديقي چيو ته شايد اڄ ڪيس ختم نه ٿي سگهي، وڪيل فيصل صديقي نالو کڻڻ بغير 27هين آئيني ترميم جو ذڪر ڪندي چيو ته منهنجي درخواست آهي ته ان جو اڄ ئي فيصلو ڪيو وڃي. مان وفاقي شرعي عدالت جي عمارت ۾ هن ڪيس تي دليل ڏيڻ نٿو چاهيان. جيڪڏهن عمارت وٺڻي هئي ته ڀر واري وٺن ها، وفاقي شرعي عدالت واري ئي عمارت ڇو؟ وڪيل فيصل صديقيءَ جي ڳالهه تي آئيني بينچ جي ججز ٽهڪ ڏنو. فيصل صديقي عدالت کي ٻڌايو ته اوهان کي معلوم آهي ته وفاقي شرعي عدالت ڇو ٺاهي وئي هئي ۽ توهان ججز هن عدالتي ڪمري ۾ ڪيترا گرينڊ لڳندا آهيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته عمارت جي تبديل ٿيڻ سان اختيار گهٽ نه ٿيندا. اسان آئين جا پابند آهيون.