سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت ٻڌڻي، سخت جملن جي ڏي وٺ
جُون 27, 2025
اسلام آباد ( پنهنجي ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت نظرثاني ڪيس بابت نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل بئنچ تي اعتراض واري ڇڏيو، سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل جي اعتراض کان پوءِ جسٽس صلاح الدين پنهور 11رڪني بئنچ کان ڌار ٿي ويو،جسٽس صلاح الدين پنهور ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي،ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته حامد خان بئنچ ۾ ڪجهه ججز جي شموليت تي اعتراض ڪيو، جسٽس امين الدين خان جو چوڻ هو ته اسان بئنچ ٻيهر جوڙي ڇڏي آهي هاڻي هيءَ 10 رڪني بئنچ ٻڌڻي جاري رکندي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جن ججز جي تي اعتراض ٿيو، انهن ۾ شامل آهيان،ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل ۽ وڪيل حامد خان ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جسٽس جمال الدين مندو خيل وڪيل حامد خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهو سڀ اوهان جي ڪنڊڪٽ سبب ٿيو آهي، اوهان جو لحاظ ڪندي اوهان کي موقعو ڏنو، ان موقعي تي وڪيل حامد خان چيو ته 10رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي نٿي ڪري سگھي،عدالتي نظيرون موجود آهن اوهان ٻڌڻي نٿا ڪري سگھو، جنهن کان پوءِ جسٽس جمال مدو خيل جو چوڻ هو ته ڪٿي لکيل آهي ته اسان ڪيس جي ٻڌڻي نٿا ڪري سگھون؟ سپريم ڪورٽ رولز ۾ ڏيکاريو ٻڌڻي ڪيئن نٿا ڪري سگھون، جسٽس جمال مندوخيل وڪيل حامد خان کي چيو ته اوهان کي دليل ڏيڻا آهن ته ڏيو نه ته ڪرسي تي ويهي رهو، جسٽس جمال مدو خيل چيو ته هيءَ سپريم ڪورٽ آهي، مذاق بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ان تي وڪيل حامد خان چيو ته اوهان ايتري سختي ڪيئن ٿا ڪري سگھو؟،جنهن تي جسٽس جمال مدو خيل چيو ته جيڪو اوهان ڪيو اهو سٺي وڪيل جو رويو نه آهي، حامد خان چيو ته اوهان منهنجي ڪنڊڪٽ تي ڪيئن ٿا ڳالهائي سگھو،اوهان ٻين کي ڳالهائڻ نه ڏيندا آهيو، عزت سان ڳالهايو، حامد خان چيو ته عزت سان عزت ملندي آهي، قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو مثال آهي،جنهن تي جسٽس جمال مدوخيل چيو ته قاضي فائز عيسيٰ جو نالو نه کڻو، جنهن تي وڪيل حامد خان چيو ته آئون ڇو قاضي فائز عيسيٰ جو نالو نه وٺان، جسٽس جمال مدو خيل چيو ته اسان کي سختي ڪرڻ ايندي آهي.