چونڊ نظرثاني ڪيس: اليڪشن ڪميشن جيڪا لکت ڏني اهي ڳالهيون پهريان ڇو نه ڪيون؟ چيف جسٽس

مَي 23, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ٿي اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ 14مئي تي چونڊن واري حڪم تي نظرثاني اپيل داخل ڪئي هئي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ جسٽس منيب ۽ جسٽس اعجاز الاحسن پڻ شامل آهن

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت جو جواب اڃا هاڻي مليو آهي پي ٽي آءِ لکت ۾ جواب جمع ناهي ڪرايو ان ڪري وقت ڏنو وڃي

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته ڇا اسان اوهان جي مدد ڪريون ته جواب ۾ ڇا چيو ويو آهي؟

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جا رولز سپريم ڪورٽ پاڻ ٺاهيا آهن

ڪرمنل ۽ سول دائري اختيار کان ٻاهر اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي

چيف جسٽس چيو ته آئين سپريم ڪورٽ کي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني جو اختيار ڏئي ٿو هاڻي اڳتي هلو اوهان پنهنجا دليل ڏيو ايندڙ ٻڌڻي تي نئون معاملو اٿارڻ چاهيو ته اٿاري سگهو ٿا

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته آرٽيڪل 184 ۾ اپيل جو حق ناهي اپيل جو حق نه هجڻ ڪري نظرثاني جو دائرو محدود نٿو ڪري سگهجي

جسٽس منيب چيو ته  سپريم ڪورٽ پنهنجي دائري اختيار جو فيصلو ڇو ڪري؟ نظرثاني ڪيس ۾ اوهان جو موقف آهي ته دائرو محدو ناهي

چيف جسٽس چيو ته بقول اوهان جي دائري اختيار محدود ناهي طريقيڪار محدود آهي

عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪيس هاءِ ڪورٽ کان ٿي سپريم ڪورٽ اچي ها ته ڇا سول ڪيس نه هجي ها جنهن تي وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ جو آئيني اختيار سپريم ڪورٽ کان وڌيڪ آهي

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪي ڳالهيون لکي ڏنيون آهن اهي پهريان ڇو نه ڪيون؟ ڇا ڪنهن اداري هاڻي اليڪشن ڪميشن کي اهو موقف اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي؟

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت هن ڪارروائي کي سنجيدگي سان وٺي رهيون آهن، ماضي ۾ حڪومت بينچ تي اعتراض ڪندي رهي آهي ڪڏهن فل ڪورٽ ڪڏهن چار ٽئي جو نقطو اٿاريو ويو

سپريم ڪورٽ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment