سپريم ڪورٽ ۾ ڀونچال، 2 ڏينهن ۾ 2 وڏيون استعيفائون، جسٽس مظاهر کانپوءِ ايندڙ چيف جسٽس اعجاز الاحسن به مستعفي
جنوري 12, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڀونچال، ٻن ڏينهن ۾ 2 وڏيون استعيفائون، جسٽس مظاهر کانپوءِ ايندڙ چيف جسٽس، جسٽس اعجاز الاحسن به استعيفا ڏئي ڇڏي، مظاهر نقوي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي هڪ ٻئي جج جسٽس اعجاز الاحسن استعيفا صدر عارف علوي ڏانهن اُماڻي ڇڏي،جسٽس اعجاز الاحسن پنهنجي استعيفا ۾ چيو آهي ته بطور سپريم ڪورٽ جج وڌيڪ ڪم جاري رکڻ نٿو چاهيان، آرٽيڪل 206 شق هڪ تحت فوري طور تي مستعفي ٿي رهيو آهيان، بطور سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جج ڪم ڪرڻ مون لاءِ اعزاز آهي، اعجاز الاحسن سپريم ڪورٽ جي سينارٽي لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي هو، کيس آڪٽوبر ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيڻو هو ۽ آگسٽ 2025ع ۾ رٽائر ٿئي ها، سينارٽي لسٽ ۾ ٻيو سينئر جج جسٽس سردار طارق مسعود 10 مارچ 2024ع تي رٽائر ٿيندو، جسٽس اعجاز جي استعيفا کانپوءِ هاڻي جسٽس منصور علي شاهه ايندڙ چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيندو، ان کان اڳ ڪالهه جسٽس اعجاز الاحسن جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ به شرڪت نه ڪئي، جڏهن ته جسٽس اعجاز الاحسن 2 ڏينهن اڳ مظاهر نقوي خلاف جوڊيشل ڪائونسل ۾ ڪارروائي تي به اختلاف ڪيو هو، جوڊيشل ڪائونسل جي جسٽس مظاهر کي ڏنل ٻئي شوڪاز تي جسٽس اعجاز اختلافي نوٽ لکيو هو ۽ نوٽيس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو، مظاهر نقوي جيان اعجاز الاحسن به جوڊيشل ڪائونسل ۾ ڪارروائي کي منهن ڏئي رهيو آهي.