سپريم ڪورٽ ۾ گڏيل آن لائين ٻڌڻين جو ڊجيٽل نظام فعال

سپريم ڪورٽ ۾ گڏيل آن لائين ٻڌڻين جو ڊجيٽل نظام فعال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جديد ٽيڪنالاجي کي عدالتي نظام ۾ ڪاميابي سان شامل ڪندي انصاف جي فراهمي کي وڌيڪ شفاف، مؤثر ۽ عوام دوست بڻائي ڇڏيو آهي۔ ڊجيٽل سڌارن تحت ملڪ ڀر ۾ گڏيل آن لائين ٻڌڻين جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي مختلف شهرن ۾ موجود بينچ، وڪيل ۽ سائل هڪ ئي وقت عدالتي ڪارروائي ۾ شامل ٿي رهيا آهن۔ ترجمان موجب ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ بينچ اسلام آباد ۾ موجود هو، جڏهن ته وڪيل ڪوئيٽا، حيدرآباد ۽ ڪراچي مان وڊيو لنڪ ذريعي شامل ٿيا، جنهن سان ڪارروائي بنا رڪاوٽ جاري رهي ۽ سڀني ڌرين جي برابر شرڪت يقيني بڻائي وئي۔ بينچ جي اوچتي تبديلي باوجود، چيف جسٽس آف پاڪستان اسلام آباد مان ٻڌڻي جي صدارت ڪئي، جڏهن ته جسٽس عائشه اي ملڪ لاهور مان وڊيو لنڪ وسيلي شامل ٿيون۔