سپريم ڪورٽ ۾ 7 نون ججز حلف کڻي ورتو: انگ 26 ٿي ويو: سينئارٽي لسٽ جاري

فيبروري 15, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڇهن مستقل ججز ۽ هڪ قائم مقام جج  عهدي جو حلف کڻي ورتو. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ججز کان حلف ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿيندڙ ججز جي حلف برادري تقريب جو انعقاد سپريم ڪورٽ جي احاطي ۾ ڪيو ويو. تقريب جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز، اٽارني جنرل، ججز جي خاندان، پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار جي عهديدارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي ججز ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله ۽ ٻيا ججز شامل هئا. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ارباب طاهر به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ جي نئين ڇهن مستقبل ججز ۽ هڪ قائم مقام جج حلف کنيو. حلف وٺندڙ ڇهه مستقل ججن ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس اشتياق ابراهيم، جسٽس شڪيل احمد، جسٽس شفيع صديقي، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس هاشم ڪاڪڙ شامل هئا. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب به قائم مقام سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کنيو. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي ججز کان حلف ورتو. جنهن بعد حلف وٺندڙ ججز کي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز مبارڪون ڏنيون، سپريم ڪورٽ ۾ ست نئين ججز جي اضافي بعد سينارٽي لسٽ اپڊيٽ ڪئي وئي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کان پوءِ  جسٽس منصور علي شاهه فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهي. جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي موجود آهي. اهڙي طرح سينارٽي لسٽ ۾ جسٽس محمد علي مظهر جو پنجون، جسٽس عائشه ملڪ جو ڇهون، جسٽس اطهر من الله ستون، جسٽس حسن اظهر رضوي اٺين نمبر تي موجود آهي. جسٽس شاهد وحيد نائين، جسٽس مسرت هلالي، ڏهين، جسٽس عرفان سعادت يارهين، جسٽس نعيم اختر افغان ٻارهين، جسٽس شهزاد ملڪ تيرهين، جسٽس عقيل عباسي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن چوڏهين ۽ پنڌرهين نمبر تي موجود آهن. جسٽس هاشم ڪاڪڙ 16 هين، جسٽس شفيع صديقي 17 هين، جسٽس صلاح الدين پنهور 18 هين، جسٽس شڪيل احمد 19 هين، جسٽس عامر فاروق  20 هين، جسٽس اشتياق ابراهيم 21 هين، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب 22 هين، جسٽس سردار طارق 23 هين ۽ جسٽس مظهر عالم خيل سينارٽي ۾ 26 هين نمبر تي موجود آهي.

Leave A Comment