سپريم ڪورٽ 6ججز جي خط جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾7 رڪني لارجر بينچ قائم: اربع تي ٻڌڻي مقرر

اپريل 1, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. معاملي تي 7 رڪني لارجر بينچ جوڙي ورتي

 چيف جسٽس جي سربراھيءَ ۾ 7 رڪني لارجر بينچ اربع تي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس منصور علي شاھه، جسٽس يحييٰ خان آفريدي ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل بينچ ۾ شامل ھوندا، جسٽس اطھر من الله، جسٽس مسرت ھلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان به بينچ جو حصو ھوندا

 ذريعن جو چوڻ آھي ته چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس انڪوائري ڪميشن جي سربراھه جسٽس تصدق حسين جيلاني جي انڪار بعد ورتو آھي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز عدالتي ڪارروائي ۾ مداخلت جا الزام هڻندي سپريم ڪورٽ ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن خط لکيو هو، سپريم ڪورٽ پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط ۾ ڳجهن ادارن مٿان مداخلت جي الزامن جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو

Leave A Comment