| سپر اسٽار به قانون لاءِ برابر: ڪوهلي ۽ روهت ڊوميسٽڪ کيڏڻ لاءِ تيار |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ جي گهرجن ۽ فٽنيس جي معيار موجب علائقائي ڪرڪيٽ کيڏڻ لازمي آهي، جنهن کانپوءِ ڀارتي ٽيم جا ٻه اڳوڻا ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ روھت شرما کي به وجئه هزاري ٽرافي ون ڊي ٽورنامنٽ کيڏڻي پوندي. ان ڏس ۾ روھت شرما ٽورنامينٽ ۾ ممبئي لاءِ دستيابي ظاهر ڪري چڪو آهي. ويرات ڪوهلي ايونٽ ۾ دهلي جي نمائندگي ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب ويرات ڪوهلي ڪيترن ميچن لاءِ دهليءَ کي دستياب هوندو اِهو اڃا واضح ناهي ٿي سگهيو، وجي هزاري ٽرافي 24 ڊسمبر 2025ع کان 18 جنوري 2026ع تائين کيڏي ويندي.