سپر اسٽار ٽام ڪروز آخرڪار پهريون آسڪر کٽي ورتو

سپر اسٽار ٽام ڪروز آخرڪار پهريون آسڪر کٽي ورتو

نيو يارڪ (ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ جي سپر اسٽار ٽام ڪروز پنهنجي45 سالن جي فلمي ڪيريئر ۾ آخرڪار پهريون آسڪر کٽي ورتو. ٽام ڪروز ڪنهن فلم ۾ بهترين اداڪاري تي آسڪر ناهي کٽيو،  کيس هالي ووڊ جي سپر اسٽار طور اعزازي آسڪر ڏنو ويو آهي. اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنسز هر سال سينيما جي ليجنڊز کي سندن ڪيريئر ۽ فلم انڊسٽري ۾ تعاون تي اعزازي آسڪر ڏئي ٿي. ٽام ڪروز کي لاس اينجلس ۾ ٿيل سالياني گورنرز ايوارڊ تقريب ۾ اعزازي آسڪر ڏنو ويو، 63 سالن جي ٽام ڪروز کي پنهنجي 45 سالن جي شاندار فلمي ڪيريئر ۾4 ڀيرا آسڪر لاءِ نامزد ڪيو ويو پر هن ڪڏهن به ايوارڊ نه کٽيو،  پهريون ڀيرو اعزازي آسڪر ٽرافي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٽام ڪروز چيو ته منهنجي اداڪاري کي نيٺ مڃتا ملي وئي آهي.