| سپر هاءِ وي تي نئين چنگي قائم ڪري ٽيڪس اوڳاڙي: واپارين جو احتجاج |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف شهرن ۽ پنجاب مان چوپايو مال ڪراچي آڻيندڙ واپارين جي ايسوسيئيشن پاران غيرقانوني ٽيڪسن ۽ ڀتاخوري خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي واپارين غلام مرتضيٰ ڀنڊ، امتياز ۽ شمن ڪئي. مظاهري دوران واپارين الزام هنيو ته ڊي ايڇ اي سپر هاءِ وي تي نئين چنگي قائم ڪري في جانور تي 900 رپيا ٽيڪس جي نالي ۾ اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هالاڻي، نصير آباد، مورو، دادو، شهدادڪوٽ، شيخ واهڻ، ساڪرو، چوهر جمالي ۽ روهڙي جي پڙين تان في جانور 2500 رپيا ۽ رحيم يار خان کان ايندڙ مال تي 3000 رپيا ورتا پيا وڃن. واپارين جو چوڻ هو ته نظير ڄامڙو سميت ڪجهه ماڻهو غيرقانوني ٽيڪس وصول ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ملير ۾ داخل ٿيڻ وقت به ٽرالر کان 1500 ۽ في جانور تي 200 رپيا زبردستي ورتا وڃن ٿا. هنن چيو ته نوري آباد، ڄامشورو ۽ ڪراچي جي حدن ۾ خانگي ماڻهو ٽيڪس جي نالي تي ڀتو وصول ڪري رهيا آهن.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هڪڙي هڪڙي گاڏي روڪي 40 کان 50 هزار رپيا ناجائز اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب واپار سخت متاثر ٿي رهيو آهي. واپارين چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اها ڀتاخوري فوري طور بند نه ڪئي وئي ته سپر هاءِ وي بند ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.