سپر ٽيڪس آئيني قرار، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم

سپر ٽيڪس آئيني قرار، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت سپر ٽيڪس ڪيس بابت 293 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. سيڪشن فور سي کي آئيني قرار ڏنو ويو. عدالت مطابق سپر ٽيڪس انڪم ٽيڪس کان جدا ٽيڪس آهي ۽ پارليامينٽ کي ان جي لاڳو ڪرڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان سرڪلر جاري ڪرڻ جو حڪم اختيار کان ٻاهر قرار ڏئي ڪالعدم ڪيو ويو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپر ٽيڪس سال 2022 کان لاڳو ٿيندو، سرمائي ۾ واڌ ۽ مخصوص آمدنيون ان جي دائري ۾ اينديون، چيف جسٽس امين الدين تفصيلي فيصلو جاري ڪيو. عدالت قرار ڏنو ته سپر ٽيڪس کي انڪم ٽيڪس کان الڳ هڪ جدا ٽيڪس تصور ڪيو ويندو ۽ اهو عام انڪم ٽيڪس جو متبادل ناهي، عدالت واضح ڪيو ته سيڪشن فور سي جو اطلاق ٽيڪس سال 2022 ۽ ان کان پوءِ وارن سالن تي ٿيندو. ان جو اطلاق انهن سڀني آمدنين تي ٿيندو جيڪي الڳ ٽيڪس رجيم هيٺ اچن ٿيون، جنهن آمدني تي بنيادي ٽيڪس لاڳو نٿو ٿئي، ان تي سپر ٽيڪس به لاڳو نه ٿيندو. جائداد، شيئرز جي وڪري، وراثت يا زرعي زمين مان حاصل مخصوص آمدني به سپر ٽيڪس کان آجي هوندي.