سپر ٽيڪس غير قانوني آهي، ڪاروباري برادري تي واڌوبار وڌو ويو: مخدوم علي جا آئيني عدالت ۾ دليل

 سپر ٽيڪس غير قانوني آهي، ڪاروباري برادري تي واڌوبار وڌو ويو: مخدوم علي جا آئيني عدالت ۾ دليل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي، ٽيڪس ادا ڪندڙ ڪمپنين جي وڪيل مخدوم علي خان سپر ٽيڪس کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏيندي دليل پيش ڪيا، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس بابت درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران ٽيڪس پئير ڪمپنين جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن قانون ۾ ٽيڪس وصول ڪرڻ جي اجازت ئي موجود ناهي ته پوءِ هي ٽيڪس هينئر تائين ڪهڙي قانون تحت وصول ٿيندو رهيو آهي. هن سپر ٽيڪس کي مڪمل طور غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته فور سي ڪنهن به وفاقي آئيني قانون سازي جي معيارن تي پورو نٿو لهي. سپر ٽيڪس ڪاروباري برادري تي اضافي بار آهي ۽ ان جي شرح سڀني سيڪٽرن تي هڪجهڙي لاڳو نه ڪئي وئي آهي، جنهن سان امتيازي رويي ۾ اضافو ٿيو آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ڪيو ته ڇا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف بي آر ۽ ڪمشنرن کي فريادين ڌر بڻايو هو. جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته ٻنهي کي ڌر بڻايو ويو هو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪندي مخدوم علي خان کي ته  دليل جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.