سنڌي ٻوليءَ جو پراڻو ۽ جڳ مشھور پھاڪو آھي: ”ٻيلي ۾ ٻه شينهن رھي نه ٿا سگھن“
پر پنجابي لطيفي جي انوسار ھڪ جھنگ ۾ جمھوري راڄ ھو. جھنگ جي جانورن جا ووٽ جنهن جانور کي جهجھا پوندا ھئا، ان جي مٿي تي تاج رکي کيس تخت تي ويھاريو ويندو ھو. چون ٿا ته ھڪ ڀيرو لومڙ کي ووٽ وڌيڪ مليا. ممڪن آھي ته ھن کي مليل ڀاري مئنڊيٽ جو مقصد سندس عياريءَ تي حد تائين پھتل ھوشياري ھجي. اھو به ممڪن آھي ته جھنگ جي ڪمزور جانورن سوچيو ھجي ته جيڪڏھن جھنگ جو بادشاھ شينهن يا ھاٿي ھوندو ته ھن آڏو انصاف لاءِ احتجاج مشڪل بڻجي ويندو. بهتر اھو آھي ته پنهنجي ڪلاس مان ڪنهن جي چونڊ ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ لومڙ سڀ کي وڌيڪ پسند آيو. ڇو ته ھو جسماني طور تي ڪمزور ھوندي به ذھني طور تي تمام تيز ۽ سگھارو ھو.
سو! جھنگ جي جمھوريت ۾ لومڙ جيتي ويو. جيئن ته جھنگ ۾ جمھوريت ھئي، ان ڪري ٻيلي ۾ ٻه شينهن به رھي ٿي سگھيا. ۽ جڏھن به جمھوريت سبب ان قسم جي صورتحال پيدا ٿي پوندي آھي، يعني ٻيلي ۾ ٻن شينهن کي گڏ گذارو ڪرڻو پوندو آھي ته پوءِ ان جا نتيجا به نڪرندا آھن. اھڙي طرح ٻه شينهن پاڻ ۾ اٽڪندا رھندا ھئا. ھڪ ڀيري جڏھن انهن جو جھيڙو ڪجھ گھڻو ئي وڌي ويو ته کين معاملا نبيرڻ لاءِ جھنگ جي بادشاھ لومڙ وٽ وڃڻو پئجي ويو. جڏھن ٻنهي شينهن لومڙ آڏو پنهنجو پنهنجو ڪيس رکيو ۽ پوءِ انصاف جي انوسار فيصلو ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته لومڙ ٻنهي شينهن جي اکين ۾ ڏسندي منجھي پيو ته ڪھڙي شينهن جي حق ۾ فيصلو ڪري!؟ جڏھن ڪافي وقت کان وٺي ھن کي سمجھ ۾ ڪجھ نه آيو ته اوچتو پنهنجي آڏو بيٺل ھڪ وڏي وڻ طرف وڌيو، وڻ تي چڙھيو ۽ اک ڇنڀ ۾ وڻ جي چوٽيءَ تي چڙھيو ۽ وري ھيٺ لھي آيو ۽ وري مٿي چڙھي ويو ۽ وري ھيٺ لھي آيو. اھڙي طرح ھو مسلسل لھ چڙھ ڪندو رھيو. جڏھن جھنگ جي ٻين جانورن سميت شينهن به ھن جي ان حرڪت تي پھرين ۽ حيران ۽ پوءِ پريشان ٿيڻ لڳا ته ھڪ جانور تنگ اچي لومڙ کان پڇيو ”فيصلو ڇو نه ٿو ٻڌائين؟“ تڏھن لومڙ ان جانور کي پنجابي ٻوليءَ ۾ جواب ڏيندي چيو ته، “ڇڊ فيصلي نون. تون ميريان آنديان جانديان ويک”.
پنجابي ٻوليءَ جو مٿيون لطيفو مون سميت تمام گھڻن ھم وطنن کي ان مھل شدت سان ياد ايندو ھوندو، جڏھن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاھدو ڪرائڻ دوران پيدا ٿيندڙ پيچيدگين وقت اھا پوزيشن پريشانيءَ جو شڪار ٿيندي ھئي، جنهن کي اردوءَ ۾ ثالثي ۽ سليس سنڌي ۾ ٽياڪڙي سڏيو ۽ لکيو ويندو آھي.
ملڪ جي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل “پيس ٽاڪس” تائين ٻنهي ملڪن کي پھچائڻ به ممڪن نه ھجي ھا، جيڪڏھن آمريڪا جنگ مان جند ڇڏائڻ لاءِ تيار نه ھجي ھا. آمريڪا جي مجبوري ان ملڪ جي لاءِ سفارتي سرداري جو باعث بڻجي وئي، جنهن جي اقتصاديات آءِ ايم ايف جي سھاري کان سواءِ سري به نه ٿي سگھي. پاڪستان جي اھڙي عالمي حيثيت سبب ڀارت جي دل ۾ جيڪا ساڙ وير جي باھ ٻري، ان جي تپش کي آس پاس جي ھر ملڪ محسوس ڪيو. جڏھن ته ڀارت جي دارالحڪومت دھليءَ جو حال ان شھر جي پراڻي شاعر مير تقي مير جي ان غزل جھڙو بڻجي ويو، جنهن جي ھڪ يادگار ۽ ناقابل فراموش سٽ آھي:
”يه دهوان سا ڪھان سي اٺتا ھي؟“
سو! پوري دنيا کي پتو ھو ته اھو دونهون دھليءَ جي دکندڙ دل جو آھي.
۽ ڇو نه ھجي! جنهن ملڪ کي ڀارت سالن کان وٺي دھشتگرديءَ سبب پيدا ٿيندڙ بدامنيءَ جو ماڳ ثابت ڪرڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جو زور لڳايو ھجي، ان ملڪ جي سر مٿان جڏھن عالمي امن جي سفارتڪاريءَ جو تاج سجايو وڃي ته پوءِ روايتي حريف جي سڙندڙ دل جو حشر ۽ حال ڪنهن کان ڳجھو رھي ڪيئن ٿو سگھي؟
آمريڪي صدر جو مزاج مشھور سنڌي فنڪار ماسٽر چندر جي ان معشوق جھڙو آھي، جنهن لاءِ چندر ڳائي وڄائي دنيا کي ٻڌايو ھو ته:
”يار ته منهنجو ھيئن،
ته ڪنهن مھل ڪيئن
ته ڪنهن مھل ڪيئن!“
اسلام آباد امن ويھڪ کان پوءِ امن معاھدي تي صحيح ٿيڻ تائين تهران کان وٺي واشنگٽن تائين پاڪستان جو آنديون جانديون تاريخ جو حصو آھن ۽ رھنديون پر امن معاھدو جڏھن عمل جوڳو نه ٿي سگھيو، تڏھن ھڪ ٻي اسلامي ملڪ قطر به پنهنجا مذاڪراتي تجربا آزمائڻ لاءِ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. اھڙي طرح امن قافلو سئٽزرلينڊ جي سياحتي ماڳ تي لٿو ۽ نيٺ انهن ڪميٽين جو قيام به عمل ۾ آيو، جيڪي امن معاھدي جي راھ ۾ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن کي ھٽائڻ لاءِ جوڙيون ويون پر وري به بقول مير تقي مير:
”الٽي ھوگئين سب تدبيرين،
ڪڇ نه دوا ني ڪام ڪيا“
اھڙي طرح اھا امن معاھدو وري ڪمزور ڪشتيءَ وانگر تڪراري طوفانن جي ور چڙھي ويو.
ھن وقت آمريڪا ۽ ايران جي صورتحال اڳ جيان وڏي جنگ جھڙي ته ناھي پر پوءِ به ھلندڙ جھڙپون ھڪ ڀيرو ٻيھر مڪمل جنگ طرف وڌنديون ضرور نظر اچن ٿيون. ان ۾ به ڪو شڪ ناھي ته وسامي ويل جنگ جي باھ کي ڀڙڪائڻ ۾ اسرائيل جو اھم ۽ بنيادي ڪردار آھي. ڇو ته اسرائيل ئي اھو ملڪ آھي، جنهن صدر ٽرمپ جي ڪن ۾ اھا فسادي ڦوڪ ڏني ته ايراني پنهنجي شھيد ٿيل رھبر اعليٰ جو انتقام تنهنجي قتل جي صورت وٺڻ جو فيصلو ڪري چڪا آھن. جڏھن ته ان قسم جي جذبات جو اظھار ته ان عوام ڪيو ھو، جيڪو رھبر اعليٰ علي خامنه اي جي تدفين دوران سرخ جھنڊا لھرائي بدلي وٺڻ جا نعرا بلند ڪري رھيو ھو. عوامي جذبات کي رياست جي پاليسيءَ سان جوڙڻ ڏٺي وائٺي زيادتي ھئي پر ان کان به وڏي زيادتي اھا ھئي ته ايران مٿان آمريڪا جا حملا ان وقت شروع ٿيا ھئا، جڏھن پوري قوم سوڳ جي ڪيفيت ۾ ھئي ۽ جنگ جي ابتدا ۾ شھيد ٿي ويل پنهنجي رھبر اعليٰ کي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو.
ڇا آمريڪا جا ادارا ۽ انهن ادارن جا سربراھ ايترا سادا ۽ معصوم ھئا جو اھي نه ٿي سمجھي سگھيا ته اھڙن جذباتي موقعن تي عوام جي اجتماعي ڪيفيت ڪھڙي ھوندي آھي؟ پر امريڪا اھو خيال نه ڪيو ۽ ان سوڳوار ايران مٿان حملن جو نئون سلسلو شروع ڪري ڏنو. اھڙن حملن کان پوءِ آمريڪا جو نائب صدر جي ڊي وينز ڪيتري حد تائين دلي افسردگيءَ جي ور چڙھي ويو؟ ان جو اندازو ھن جي لاڳيتي خاموشيءَ مان لڳائي سگھجي ٿو. جڏھن ته ان دوران اسرائيل لاءِ تمام گھڻو نرم گوشو رکندڙ صدر ٽرمپ جو لاڏلو پرڏيھي سيڪريٽري مارڪو روبيو اسرائيل ۾ حاضري ڏيڻ بعد وچ اوڀر جي دوري دوران جيڪا زھريلي زبان استعمال ڪئي، ان جا فطري نتيجا اھي نڪرڻا ھئا، جيڪي ھن مھل عالمي ميڊيا تي نظر اچي رھيا آھن.
سي اين اين کان وٺي بي بي سي ۽ الجزيره تائين ۽ وال اسٽريٽ جنرل کان وٺي نيويارڪ ٽائمز ۽ رائٽرز تائين عالمي ميڊيا جا سمورا اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا وارا ادارا جنهن جنگ کي ھيمنگوي جي ناول جي نالي جيان الوداع ڪري چڪا ھئا، ھن وقت وري ان جنگ جي واپسيءَ جا بگل وڄائڻ لڳا آھن. جھڙي طرح آمريڪا ۽ يورپ جي وڏن ٻيلن ۾ لڳل باھ وسامڻ کان پوءِ وري ڀڙڪي پوندي آھي، تهڙي طرح ان جنگ جي آگ وري ٻيھر الا پيدا ڪرڻ لڳي آھي، جنهن جنگ جو بظاھر فوڪس ته ايران جي ايٽمي پرگرام تي ھو پر اھو به ٽرمپ جو صرف ھڪ ڏيکاءُ ھو. ايران مٿان آمريڪا جا شروع ڪيل ۽ وڌندڙ حملن جو حدف ”ڪوھ ڪلنگ“ جا اھي پراسرار پھاڙ ناھن، جن لاءِ چيو پيو وڃي ته ايران انهن پھاڙن ھيٺان ايران جا ايٽمي اثاثا آھن.
آمريڪا جو اصولي اصرار ڀلي ايراني ايٽمي پروگرام تي ھجي پر آمريڪا جو عملي فوڪس ان آبناءِ ھرمز تي آھي، جنهن کي آمريڪا جنگ کان اڳ واري صورتحال ۾ ڏسڻ جو خواھشمند آھي. جڏھن ته ايران ان سلسلي ۾ باوقار انداز سان بضد آھي ته ھو آبناءِ ھرمز جي مالڪيءَ کان ھڪ قدم به پوئتي نه ھٽندو. ايران جو اھڙو ضد ھن جي دوست ملڪ چين جي مفاد ۾ به ناھي پر روس چاھي ٿو ته آبناءِ ھرمز مٿان ايران جو ڪنٽرول ھجي. جڏھن ته وچ اوڀر جا تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آبناءِ ھرمز مٿان ايراني ڪنٽرول کي پنهنجي لاءِ اھا مشڪل صورتحال قرار ڏئي رھيا آھن، جيڪا مستقبل ۾ سندن مفادن کي وڌيڪ نقصان پھچائڻ جو باعث ٿيندي.
ايران کي مجبور ڪري پنهنجا شرط مڃائڻ لاءِ آمريڪا جي حملن ۾ شدت اچي رھي آھي ۽ انهن حملن سبب ايران جي ارڏائيءَ ۾ اضافو اچي رھيو آھي. اھوئي سبب آھي ته ايران اسلام آباد معاھدي جي معطليءَ جو اعلان ڪندي صدر ٽرمپ جي صحيح کي غيراھم قرار ڏنو آھي. ايران ان سلسلي ۾ غلط به ناھي. جيڪا صحيح پنهنجي مس سڪڻ تائين پنهنجن قولن تي قائم رھي نه سگھي، اھا صحيح پٿر تي نه پر پاڻيءَ تي ليڪو ئي ٿي سگھي ٿي. پاڻيءَ تي اھو ليڪو آبناءِ ھرمز جي لھرن کي منتشر ته ڪري سگھي ٿو پر انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سگھ ھن وقت ان آمريڪا ۾ ناھي، جيڪو جنگ جي صورت وچ اوڀر ۾ پنهنجا بنياد ڪمزور ڪري رھيو آھي. ڇو ته ھاڻي ايراني حملن جي دائري ۾ اھو اردن به شامل ٿي رھيوآھي، جتي ايراني حملن ۾ ٻن آمريڪي فوجين جي مري وڃڻ جي تصديق سينٽ ڪام به ڪئي آھي.
وسامي ويل جنگ ائين وڌي رھي آھي، جيئن جھنگ جي باھ قابو ۾ اچڻ کان پوءِ وري ڀڙڪي پوندي آھي. جڏھن ته ھن مھل سفارتي ميدان تي ثالثي ڪرڻ واري جوڙي يعني پاڪستان ۽ قطر جون “آنيون جانيون” به نظر نه ٿيون اچن. سفارتي محاذ تي سرگرمي ڌرين جو رضا ڀريو رخ ڏسي ڪيون وينديون آھن.
پنجابيءَ جو پراڻو ڪلام آھي:
”لائي بيقدران نال ياري
تي ٽٽ گئي ٽڙڪ ڪرڪي“
بين الاقوامي تعلقات جي سائنس ۾ دوستيون ۽ ياريون نه ھلنديون آھن. عالمي سياست صرف طاقت جو توازن ڏسندي آھي. پر اھا به حقيقت آھي ته سگھارين ڌرين جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ واري سفارتڪار ڌر جو حشر به مٿين سٽ سمان ٿئي ٿو. آمريڪا جھڙي سپر پاور ۽ ايران جھڙي سرڪش ملڪ جي وچ واري ٽياڪڙيءَ موجوده ماحول ۾ “ٽڙڪ” جو آواز ڪري ٽُٽي پيل پسجي ٿي.