| سپلا طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ جو اعلان |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڪاليجي استادن جي تنظيم سپلا سکر ريجن طرفان ڪاليج ڊپارٽمينٽ جو وزير نه هئڻ سبب سنڌ جا ڪاليج زبون حالي جو شڪار هئڻ، فرنيچر جي کوٽ، ٽٽل بينچون، خراب لائبريريون ۽ ليبارٽرين، ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڪامرس لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ طرفان درسي ڪتاب فراهم نه ڪرڻ سميت ٻين مسئلن جي نشاندهي ڪندي فائيو ٽئير فارمولا، ترقيون، نيون ڀرتيون، انفراسٽرڪچر جي بهتري، درسي ڪتابن جي فراھمي، ميرٽ تي مقرريون ۽ ايم فل ۽ پي ايچ ڊي الائونس يونيورسٽي برابر ڪرڻ سميت مٿين گريڊن ۾ ڀرتين سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ 19 جنوري تي لاڙڪاڻي ضلعي جي سمورن يونٽن سميت سکر ريجن جي ڪاليجن ۾ احتجاج، 22 جنوري تي سکر ۾ احتجاجي مارچ جو اعلان ڪندي مطالبا نه مڃڻ تي 12 فيبروري تي ڪراچي ۾ بلاول هائوس آڏو ڌرڻي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. اڳواڻن ملهار سنڌي، شهاب الدين مڱڻ، نذير احمد سومرو، شگفتا اعجاز، شائسته سومرو ۽ ٻين چيو ته مسئلا حل نه ڪيا ويا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.