سڀاڻي ايڪتا ڏڻ: سنڌ ثقافت جي انڊلٺي رنگن سان جرڪي پئي

ڊسمبر 2, 2023

ڪراچي: ايڪتا ڏهاڙي کان هڪ ڏينهن اڳ ئي سنڌ سهڻي ثقافت جي انڊلٺي رنگن سان جرڪي پئي، سموري سنڌ ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان لاءِ تقريبون، ميڙاڪا ۽ مچ ڪچهريون ڪوٺائڻ جو سلسلو جاري آهي

سنڌ واسين سڀاڻي اچو ته گڏجي نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو عزم ورجايو آهي

 سڀاڻي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ايڪتا جون تقريبون رٿيل آهن

ايڪتا ڏهاڙي جي مک تقريب ڪراچي ۾ ٿيندي، ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سڀاڻي سنڌ واسي ايڪتا جي هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي ويندا

 ايڪتا جي تقريبن ۾ گڏجي نئين سنڌ اڏڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪوهلي کان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي درخواست

  • ويسٽ انڊيز پاران آسٽريليا خلاف ٽي- 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

  • آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ،ڪو به پاڪستاني ٽاپ 10 ۾ شامل نه ٿيو

  • ف م لاشاري جي ورسي، “ ڏٺي ڏينهن ٿيام” جي مهورت