| سڀاڻي کان 3 مئي تائين ملڪ ۾ هيٽ ويو جو خدشو: الرٽ جاري |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) موسميات کاتي ملڪ ۾ هيٽ وِيو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. پڌرائي مطابق ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ۾ 29 اپريل کان 3 مئي دوران هلڪي هيٽ ويو جو خدشو آهي. پنجاب جي ڏاکڻي علائقن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان آهي. جڏهن ته مٿانهن علائقن ۾ 5 مئي دوران اولهه جون هوائون لڳنديون جِتي گرمي پد ۾ 2 کان 4 سينٽي گريڊ گهٽتائي جو امڪان آهي. ان دوران انهن علائقن ۾ هلڪي هوائن ۽ طوفان جو به امڪان آهي.