سڀني مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي: ايس ايچ او کنڀڙا جي دعويٰ

سڀني مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي: ايس ايچ او کنڀڙا جي دعويٰ

اوٻاوڙو: ايس ايچ او کنڀڙا ظهير حسين ڀٽو دعويٰ ڪئي آهي ته سڀني مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ايس ايچ او موجب  هٿياربند 15 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا هئا، جن مان 14 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، هڪ مسافر دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش هٿ  ڪيو ويو آهي، ايس ايچ او کنڀڙا موجب هن وقت ڪو به مغوي ڏوهارين جي قيد ۾ ناهي، جڏهن ته ذريعن موجب هن وقت تائين 4 ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا آهن. پوليس جو آپريشن به هلندڙ آهي.
 

فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار کي رحيم يارخان اسپتال نيو ويو
 

 اوٻاوڙو: مبينا پوليس مقابلي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار صفدر چاچڙ جو علاج رحيميارخان جي اسپتال۾ هلندڙ آهي، سندس طبيعت ۾ سڌارو ٻڌايو پيو وڃي.
 

ڪچي جا رستا سيل ڪري ڇڏيا آهن، جلد رهيل  مغوي بازياب ڪرائينداسين: پوليس
 

اوٻاوڙو: ڀنگ پنجاب واري ڪچي ۾ سنڌ- پنجاب پوليس جو آپريشن هلندڙ آهي، پوليس  موجب ڪچي اندر ايندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪيو ويو آهي، جلد رهيل مغوين کي به بازياب ڪرايو ويندو.