اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين سان سندس وڪيلن جي بنا رنڊڪ جي جيل ۾ ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن ۽ اورنگزيب ٻڌني دوران لاءِ آفيسرن جي دير سان اچڻ تي مٿن ڪاوڙ جوا ظهار ڪيو
عدالت رمارڪس ڏنا ته هر ڪو نواز شريف جون خوشيون پيو ملهائي، مٺايون پيو ورهائي، توهان سڀني کي ان جي لڳل آهي ته سندس استقبال ڪيئن ڪجي؟ عدالت جي مدد ڪير ڪندو؟
ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل ارشد محمود ڪياني ۽ عظمت بشير تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت دير سان پهچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇو نه جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته هي پنج سالن جو چڪر آهي، آخر پي ٽي آءِ چيئرمين، اڳوڻو وزيراعظم آهي، 1977ع ۾ منهنجو والد به جيل ۾ رهيو آئون به جيل ملڻ ويندو رهيو آهيان
ٻڌڻي دوران حڪومت پاران ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو. وڪيل شير افضل مروت چيو ته اسان پي ٽي آءِ چيئرمين سان صرف ان ڏينهن ملاقات ڪري سگھندا آهيون جڏهن ڪيس هجي ان ڏينهن به ملاقات دٻي جھڙي پڃري ۾ ٿيندي آهي، اسان هڪ شيڊول ٺاهيو آهي جنهن تحت اسان کي ملاقات جي اجازت ڏني وڃي
جسٽس ميان گل حسن چيو ته شيڊول اسان کي ڏيکاريو، عدالت بنا ڪنهن رنڊڪ جي وڪيلن جي پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات جي اجازت ڏيندي اڊيالا جي جيل سپرنٽنيڊنٽ کي پيش نه ٿيڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏو آهي