“سڀ خوش رهن” زمين تڪرار ختم، سجاول جي پيرسن پاران احتجاج سڏ واپس

“سڀ خوش رهن” زمين تڪرار ختم، سجاول جي پيرسن پاران احتجاج سڏ واپس

سجاول (رپورٽر) صوبائي وزير شاهينه  شير علي جي کليل ڪچهري دوران تشدد جو شڪار بڻجندڙ بزرگ شهري رجب ميمڻ احتجاج جو اعلان واپس وٺي ڇڏيو، رجب ميمڻ موجب هن پنهنجي زرعي زمين مائٽن کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ بلاول هائوس آڏو احتجاج ڪرڻ جو اعلان به واپس ورتو آهي۔ رجب ميمڻ جو چوڻ آهي ته تڪرار زمين جي معاملي تي هو، زمين نه رهڻ بعد تڪرار به ختم ٿي ويو ۔ هن چيو ته هو الله تعاليٰ کان دعاگو آهي ته الله سائين سڀني کي خوش رکي