اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي کان مدد گهري ورتي آهي
پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا مطالبا پورا ڪري ڇڏيا آهن پر اڃا تائين پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ 1.1 ارب ڊالر جو اسٽاف ليول تي معاهدو طئي ناهي ٿي سگهيو
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايم جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا سان رابطو ڪيو جنهن ۾ هن پروگرام لاءِ نائون جائزو مڪمل ڪرڻ ۾ مدد طلب ڪئي آهي
ذريعن موجب حڪومت پاران بجيٽ جون تجويزن به آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيون ويون آهن وزيراعظم شهباز شريف ناڻي وزارت کي بجيٽ آءِ ايم ايف سان گڏجي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي
ذريعن موجب ايڪسٽرنل فنانسنگ جي معاملي تي آءِ ايم ايف جا مطالبا برقرار آهن ۽ آءِ ايم ايف ايڪسچينج ريٽ ۾ انٽربينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ريٽ جو فرق ختم ڪرائڻ چاهي ٿو