راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته توهان کي ڇا جي وضاحت گهرجي، آئين جي وضاحت گهرجي؟ ڇا مان آئين جو ماهر آهيان جو اُن جي وضاحت ڏيندس؟ توهان پنهنجي توانائي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ لڳايو، سڄو ڏينهن فوج جي ڳالهين کان ٻاهر نڪرو. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا مخصوص ٽولي جي سڀ کان وڏي سهولتڪار آهي، ڀارتي ميڊيا تي نورين نياز ملڪ ۽ قوم خلاف انٽرويو ڏيندي آهي.
دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ بيگناهه ماڻهو ناهن مرندا: فوج
راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر دعويٰ ڪئي ته دهشتگردن خلاف آپريشنف ۾ ڪوبه ڪوليٽرل نقصان نه ٿي رهيوآهي، ڪوليٽرل نقصان اتي ٿيندو آهي جتي فوج قابض هوندي آهي. هن چيو ته هي دهشتگردي خلاف جنگ جي چوڏهن نقطن خلاف به ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان جو آئين هر اداري بابت واضح آهي، ڪنهن ٻڌايو ته خارجي اسلام جو حصو نه آهن. ڪنهن ڀارت کي ميدان جنگ ۾ شڪست ڏني؟ ڪير دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي بيٺو آهي؟
ڀارتي ميڊيا پاڪ فوج خلاف پي ٽي آءِ جي زبان بڻيل آهي: ترجمان
راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي پريس ڪانفرنس به ڀارتي ميڊيا تي ڏيکاري وڃي ٿي، ڀارتي ميڊيا پاڪستان جي هٿياربند فوج جي خلاف پي ٽي آءِ جي زبان بڻيل آهي، انهن جي سياست ۽ شعبده بازي جو وقت ختم ٿي چڪو آهي.
نوٽيفڪيشن تي مهم هلائيندڙ شرم ڪن، معافي وٺن: عطا تارڙ
اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته سي ڊي ايف نوٽيفڪشن تي مهم هلائيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، وڏن وڏن صحافين کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ بي بنياد طوفان برپا ڪيو ويو هو، اسٽرڪچرل تبديليون ڪري پنهنجي دشمن کي خوفزده ڪري ڇڏيو آهي. سموري فورسز لاءِ هڪ متحده ڪمانڊ قائم ڪئي وئي آهي اسان کي جنگ ۾ فتح حاصل ٿي آهي، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سرحدن کي محفوظ بڻايو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي دشمن جي جرئت نه ٿيندي.
آڊيو ڪيس: گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ، گرفتاري جو حڪم
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي مقامي عدالت خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج نصر من الله بلوچ ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ڪيس جا شريڪ جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دران عدالت غير حاضري تي علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ پوليس کي کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.