سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سنڌي ثقافت ڏڻ مبارڪ هجي: شرجيل ميمڻ

  سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سنڌي ثقافت ڏڻ مبارڪ هجي: شرجيل ميمڻ

ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي جِيم خانه ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ هڪ کلي ڪچهري ڪوٺائي وئي کلي ڪچهري ۾ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاني، ايم پي اي ضياء عباس شاهه، ايم پي اي امداد علي پتافي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر ظهير عباس پتافي، پارٽي ڪارڪنن ۽ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته شهرين آءِ بي اي جي امتحاني مرڪز جي تبديلي، صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، بجلي جا مسئلا، پوليس ۾ ڀرتين، تعليم ۽ صحت جي صورتحال، زرعي زمينن جي رجسٽريشن . منشيات ۽ ٽرانسپورٽ بابت پنهنجا مسئلا پيش ڪيا ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته انهن سڀني مسئلن جو فوري حل ڪيو وڃي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت موجب صوبائي وزير سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کليون ڪچهريون ڪري رهيا آهن ته جيئن عوام جا مسئلا سڌي طرح ٻڌي فوري طور حل ڪيا وڃن کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي دل جي گهراين سان سنڌي ثقافتي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ٽنڊوالهيار سميت سنڌ ۾ هارين جي مدد لاءِ 56 ارب رپيا مختص ڪيا پيا وڃن ته جيئن ڪڻڪ جي پيداوار ۾ خود ڪفالت حاصل ڪري سگهجي ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد تائين پيپلز بس سروس جو افتتاح ايندڙ هڪ مهيني اندر ڪيو ويندو ۽ شهرين جي ذميواري آهي ته هو هن سروس کي پنهنجي سهولت سمجهي استعمال ڪن. شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي ته هو حيسڪو جي ڪارڪردگي بهتر ڪري ۽ سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس جي بندش کي فوري ختم ڪيو وڃي.