| سڄي سنڌ ۾ “منشيات کان پاڪ سنڌ” جا نعرا: ڪراچي کان ڪشمور، ڪاڇي کان ڪارونجهر تائين ايڪتا ڏهاڙي تي ڌرتي سان وفا جا وچن: ريليون ۽ جهمريون |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي، فقير سليم، حبيب جمالي ۽ عرفان شاهه) “ٽائيم نيوز” ۽ “پنهنجي اخبار” جي سڏ تي “منشيات کان پاڪ سنڌ” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي ۾ مُک تقريب ۾ سنڌ سان محبت ڪندڙن جو سمنڊ اُٿلي پيو، ناليوارن فنڪارن سنڌي گيتن تي ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو، هر پاسي اجرڪ ۽ ٽوپي جا رنگ ڏسڻ ۾ آيا، ايڪتا جي تقريب ۾ شريڪ ماڻهن سنڌ کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ جو وچن ڪيو، ان حوالي سان ڪالهه ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي “منشيات کان پاڪ سنڌ” جي عنوان هيٺ ڪراچي جي واءِ ايم سي روڊ تي ٿيل مُک تقريب ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، شهر جي مختلف علائقن گلستان جوهر، نيپا چورنگي، چڪرا ڳوٺ، ملير، گلشن حديد، ابراهيم حيدري، ڪورنگي، ڀٽائي ڳوٺ، سچل ڳوٺ توڙي ٻين سنڌي وسندين مان نوجوانن جا قافلا ٽائيم نيوز جي مُک ايڪتا تقريب ۾ پهتا، اجرڪ ۽ ٽوپي پهريل سنڌي نوجوانن ۽ گَج توڙي ڀرت ڀريل ثقافتي لباس اوڍيل عورتن پاران ايڪتا جي مُک تقريب ۾ شرڪت ڪئي وئي. ڪيترائي نوجوان روايتي پٽڪا پائي تقريب ۾ پهتا. ايڪتا جي مُک تقريب ۾ناليواري فنڪارن احمد مغل، عرفان سمون، جگر جلال، وزير علي، شبير لاشاري، طاهر عباس، مهتاب بلوچ، ناديه بلوچ ۽ ٻين سُر وکيري ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو، ايڪتا تقريب ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي پاران “منشيات کان پاڪ سنڌ” جي عنوان هيٺ ايڪتا عيد ملهائڻ جو ڏنل سڏ ساراھ جوڳو آهي، هنن چيو ته سنڌ کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو نعرو هر ڏينهن جو نعرو هجڻ گھرجي.
حيدرآباد(رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد ۾ ايڪتا عيد جا دلفريب منظر، سڄو شھر منشيات کان پاڪ سنڌ جي نعري ھيٺ ثقافتي رنگن سان ٻھڪي اٿيو سنڌ امڙ کي منشيات فروشن کان پاڪ ڪرڻ جو وچن ورجايو ويو. شهر جي مختلف علائقن قاسم آباد،گلستان سجاد، چانڊيا ڳوٺ، ماروي ٽائون، ڀٽائي نگر، ھيپي ھومز، انور ولاز، سحرش نگر، پرنس ٽائون، وحدت ڪالوني، گدو چؤڪ، حسين آباد، مير حسن آباد، لطيف آباد جي ٽنڊو مير غلام حسين، بچاءُ بند ٽنڊو مير محمود، ٽنڊو آغا، ڦليلي، ڳوٺ الهداد چنڊ مان ھزارين ماڻھن جون ريليون نڪتيون، جيڪي مختلف علائقن کان ٿينديون حيدرآباد پريس ڪلب پھتيون، شهر جي هر گهٽي ۾ ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ وار جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن“ جيئي لطيف، منهنجو سهڻو لطيف، ماروئڙا، سانگيئڙا، سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار سنڌ ماڻهو پڌرا لکن ۾“ سميت ٻين قومي گيتن جي گونجار رهي. مشهور مور ڊانسر ماسٽر غلام حسين مور جو رقص پيش ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، سنڌ واسين جو چوڻ ھو ته سنڌ صدين کان صوفين جي سرزمين رهندي اچي پئي، هن ڌرتي جو اصل تشخص امن ۽ سلامتي آهي.
ميرپورخاص(رپورٽ: وارث خاصخيلي ۽ فهد مصطفيٰ چانڊيو) ميرپورخاص ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ڏھاڙي جي موقعي تي ميرپورخاص پريس ڪلب جي سهڪار سان شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنھن تي صبح سان ئي ٻارڙا، ٻارڙيون ۽ نوجوان اجرڪون، ٽوپيون، پٽڪا ۽ گج پائي شريڪ ٿيا ۽ دھلن شرناين تي رقص پڻ ڪيو. مک تقريب ۾ شرڪت لاءِ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن توڙي نوجوانن پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون. پنھور برادريءَ پاران گل محمد پنھور، غلام حسين ۽ اظھر پاران جرواري شاخ کان ريلي ڪڍي وئي، جڏھن ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ پاران لالا اظھر جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيئي سنڌ قومي محاذ پاران نور محمد مري ۽ ڄام منور سمون جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺ مکڻ سمون کان ريلي ڪڍي وئي، آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽيءَ طرفان واجد لغاري، فقير شيوا ڪڇي ريلي ڪڍي، ايس ٽي پي طرفان گلزار مگسي ۽ نور محمد مھر جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. سموريون ريليون شھر جي مختلف روڊن تان گشت ڪنديون ڪنديون مک تقريب ۾ پھتيون، جتي صوفي فنڪار نانجي مل ۽ سندس سُنگ ڪافيون ۽ وايون ٻڌايون. جڏهن ته فنڪاره خوشبو لغاري قومي، ثقافتي ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل منڊي ڇڏي تقريب ۾ ميئر عبدالرئوف غوري، خاص معاون جُنيد بُلند سميت مختلف سماجي ۽ سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ”سنڌ سان سنڌ جي ملاقات“ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جيان سکر به ثقافت رنگ ۾ رڱجي ويو، شهر جي مختلف علائقن ۽ پاڙن مان نڪتل ايڪتا ريلين سبب سکر جا روڊ رستا سنڌ امڙ جي نعرن سان گونجي اٿيا، سنڌي ٽوپي، اجرڪ، پٽڪا پهريل جهمر هڻندڙ نوجوان، معصوم ٻارڙا ۽ بزرگ نظرن جو مرڪز بڻيل رهيا. ايڪتا وارو مک پروگرام سکر پريس ڪلب آڏو ٿيو، جڏهن ته دعا چوڪ ۽ گلوب چوڪ وٽ به تقريبون ٿيون شهر جي قديمي ماڳن معصوم شاهه جو منارو، ستين جو آستان، لب مهراڻ تي به اجرڪ پاتل شهري وڏي انگ ۾ پهتا، ايڪتا عيد تي گاڏين کي پڻ سنڌ جي نقشي توڙي اجرڪ سان سينگاريو ويو،
لاڙڪاڻو (رپورٽ: شاهه محمد لاشاري) ساهه سيباڻي لاڙڪاڻي ۾ منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، نوجوان، پڪا پوڙها ۽ ٻارڙا انڊلٺي رنگن ۽ ڪاون واريون سنڌي ٽوپيون پائي ۽ بوسڪي جا پٽڪا ٻڌي ڪلهن تي اجرڪ سجائي ايڪتا جي مک تقريب جناح باغ چوڪ وٽ پهتا،جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن راڳين استاد غلام شبير سمون، راجا سمون، شيراز عباسي، عاشق مگسي، سڄڻ مائري، سهڻي ناز قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن مان نڪتل سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جون ريليون پڻ پريس ڪلب پهتيون، تقريب ڀرسان سنڌي ٽوپي، اجرڪ، برٿ پريل ڪپڙن ۽ ٻين ثقافتي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا، جناح باغ ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي نسبت سان امر ڀڳت سنگهه اسٽڊي سرڪل طرفان هڪ ڏينهن وارو ڪتابي ميلو لڳايو ويو
نوابشاھه(رپورٽ: اياز ڏاهري) نوابشاھ ۾ ايڪتا عيد: سج اڀرڻ سان ئي منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان ھيٺ شاندار ريليون نڪتيون ھر سال جيان حق صوفي ازم ورلڊ جي چيئرمين فقير جي ايم ڏاھري المعروف مست پروازي پاران ميخانه بيت التصوف ھائوسنگ سوسائٽي ان شاندار ريلي ڪڍي وئي. فقير مشتاق ڪرد، فقير آچر، فقير حسين، فقير امتياز ۽ فقير عنايت خاصخيلي صوفي ڪلام ڳائي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو جڏهن ته آل ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال بابر علي، اياز علي امامت علي جي اڳواڻي ۾ فارسي باغ کان پريس ڪلب تائين ريلي نڪتي جڏهن ته ترقي پسند پارٽي پاران شاھنواز ڪيريو، ٻڍل مگسي، جسقم اڳواڻ پاران سرفراز ميمڻ علي رضا خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريليون نڪتيون، ڏاھري اتحاد، خاصخيلي اتحاد، سومرا اتحاد، ميمڻ اتحاد، جمالي اتحاد، انڙ اتحاد به ريليون ڪڍيون، رڪشا يونين جا اڳواڻ رحمت الله پٺاڻ ۽ ٻيا 30فوٽ گول ۽ 6 فوٽ ڊگھي سنڌي ٽوپي کڻي پريس ڪلب پهتا