سڄي عمر فيلڊ مارشل لقب: 9 رڪني آئيني عدالت، ججز جي عمر 70 سال: ترميمي مسودو تيار

سڄي عمر فيلڊ مارشل لقب: 9 رڪني آئيني عدالت، ججز جي عمر 70 سال: ترميمي مسودو تيار

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت 27 هين ترميم لاءِ قانون جو مسودو تيار ڪيو آهي، نجي ٽي وي موجب تجويز ڪيل مسودي جي تفصيل ۾ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جي جاءِ تي نو رڪني آئيني عدالت قائم ڪئي ويندي، ۽ سپريم ڪورٽ ۽ آئيني عدالت جي ججن جي مقرري جي عمر جي حد 68 کان وڌائي 70 سال ڪرڻ جي تجويز آهي. مسودي موجب، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ۾ ڊيڊ لاڪ جي صورت ۾ معاملو سپريم جوڊيشل ڪميشن ڏانهن موڪليو ويندو. اعليٰ عدليه جي ججن جي مقرري ۾ صدر ۽ وزيراعظم جو ڪردار گهٽايو ويندو ۽ جوڊيشل ڪميشن جو ڪردار وڌايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ذريعي فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ ڏنو ويندو، فيلڊ مارشل کي به آئيني اختيار ڏنا ويندا ۽ تجويز ڪيل آئيني ترميم تحت فيلڊ مارشل جو لقب تاحيات برقرار رهندو. ذريعن موجب تجويز ڪيل ترميم تحت اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي مان وفاق کي ڏهه سيڪڙو اضافي حصو ڏيڻ جي تجويز آهي، جنهن سان صوبن جو حصو گهٽجي 47.5 سيڪڙو ۽ وفاق جو وڌي 52.5 سيڪڙو ٿي ويندو، جڏهن ته تعليم ۽ صحت جا شعبا وفاق کي ڏيڻ تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو.