سڄي لبنان کي ساڙي ڇڏڻ گهرجي: انتهاپسند اسرائيلي وزير

تل ابيب (م ڊ) اسرائيل جي انتهاپسند قومي سلامتي واري وزير بن گوير چيو آهي ته اسان کي سڄو لبنان ساڙي ڇڏڻ گهرجي. اسرائيل کي دنيا تي واضح ڪرڻ گهرجي ته ان جي شهرين جي رت جو پلاند ورتو ويندو، سمورو لبنان ساڙڻ گهرجي ۽ هر اسرائيلي ماءُ جي ڳوڙهن جي بدلي هزارين لبناني مائرن کي روئڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ سخت ۽ فيصلائتي ڪارروائي جي ضرورت آهي، هاڻي سخت ترين قدم کڻڻ گهرجن. ٻئي طرف اسرائيل جي اپوزيشن اڳواڻ يائير لاپيد حڪومت تي تنقيد ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيتن ياهو جي حڪومت کي جلد تبديل نه ڪيو ويو ته اسرائيل جا پرڏيهي لاڳاپا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته حڪومت جا بيان آمريڪا ۽ يورپي يونين سان لاڳاپن کي داءُ تي لڳائي رهيا آهن.