سڄي پنجاب مان چونڊون وڙهڻ جو اعلان، ماڻهو جيل مان نڪرڻ ۽ بچڻ لاءِ اليڪشن وڙهن ٿا: بلاول

جنوري 12, 2024

فيصل آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پنجاب ۾ چونڊن دوران سمورين سياسي جماعتن سان مقابلو ڪرڻ جو اعلان، فيصل آباد جي تانديان والا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ سمورين جماعتن سان مقابلو ڪري ڏيکاريندي، ڪو جيل مان نڪرڻ لاءِ ته ڪو جيل کان بچڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيو آهي، پيپلزپارٽي رڳو عوام جي خدمت لاءِ اليڪشن وڙهي رهي آهي، بلاول چيو ته اقتدار ۾ اچي غريبن لاءِ 30 لک گهر ٺاهينداسين، پنجاب جي ڪچين آبادين کي پڪو ڪنداسين، بينظير هاري ڪارڊ، بينظير مزدور ڪارڊ ۽ بينظير اسٽوڊنٽ ڪارڊ جاري ڪنداسين، ملازمن جون پگهارون ۽ مزدورن جي آمدني ٻيڻي ڪنداسين، بلاول وڌيڪ چيو ته  اسان پاڪستان جي عوام جي قسمت مٽائي ڇڏينداسين، ملڪ  کي معاشي بحرانن مان صرف پ پ ئي ڪڍي سگهي ٿي، پ پ چيئرمين چيو ته هڪ دفعو ٻيهر عوامي حڪومت ٺاهينداسين، عوامي راڄ قائم ڪرڻو آهي هڪ دفعو ٻيهر جيالي کي وزيراعظم ۽ وڏو وزيراعليٰ بڻائڻو آهي، عوام منهنجو ساٿ ڏي ته اسان کي ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي.

Leave A Comment