سچل جو ديس درازا رت سان رڱجي ويو، جوڻيجا ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڀائرن سوڌو 4 ڄڻا قتل

سچل جو ديس درازا رت سان رڱجي ويو، جوڻيجا ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڀائرن سوڌو 4 ڄڻا قتل

راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر) سچل سرمست جو ديس درازا شريف رت سان رڱجي ويو، راڻيپور ٿاڻي جي حد  ڳوٺ وريو واهڻ ۾  جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻو  تڪرار ٻيهر  ڀڙڪي پيو، ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب 2 نوجوان ڀائرن سميت چار ڄڻا قتل ٿي ويا، مقتولن ۾ سائينداد جوڻيجو،  لعل ڏنو جوڻيجو، نعمان سرڪي، پيار علي سرڪي  شامل آھن، 5 ڄڻا زخمي به  ٿي پيا جن کي گمبٽ گمس ۽ راڻيپور منتقل ڪيو، زخمين ۾  بابر سرڪي، اياز جوڻيجو، خالد جوڻيجو، شعبان شامل آهن. لاش راڻيپور پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، پوسٽ مارٽم لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل هو. جڏھن ته واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، جوڻيجا برادري ۾ ڪجهه وقت اڳ فيصلو پڻ ٿيو هو، تقريبن 15-20 سالن کان ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ آهي
 راڻيپور: راڻيپور واقعي بابت صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جو چوڻ آهي ته 14 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
 

پوليس جو علائقي کي ڪڙو، سرچ آپريشن، 20 ڄڻا گرفتار

راڻيپور: جوڻيجا ڌرين ۾ جهيڙي بعد ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ضلعي جي نفري طلب ڪري ورتي، ڳوٺ وريو واهڻ ۾ بڪتر بند گاڏيون پهتيون. علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو، 20 کان مٿي ماڻهن کي گرفتار ڪري خيرپور منتقل ڪيو ويو،.
 

وڏي وزير نوٽيس ورتو، آءِ جي کان رپورٽ طلب

راڻيپور: ڳوٺ وريو واهڻ ۾ 4 ماڻهو قتل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه، آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي،  آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ايس ايس پي خيرپور کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته علائقي ۾ امن امان واري صورتحال يقيني بڻائي وڃي،
 

سرڪي ڀائرن کي قتل کان اڳ پڪڙڻ واري وڊيو وائرل

راڻيپور: وريو واهڻ ۾ قتل ٿي ويل ٻن ڀائرن پيار علي سرڪي ۽ نعمان سرڪي جي سوشل ميڊيا تي قتل کان اڳ جي وڊيو پڻ وائرل ٿي آھي، جنھن ۾ جوڻيجا ذات جا ماڻهو چئي رهيا هيا ته اسان پاڻ ۾ مائٽ هڪ ٻئي جا سر کڻون توهان ڇو آيا آهيو، توھان اسان جي گهرن ڏانهن ڇو آيا آھيو؟ توهان جي گهرن ڏانهن گوليون آيون ؟، اسان جو جگر سڙيل آھي.
 

جوڻيجا تڪرار 30 سالن کان هلندڙ، 20 ماڻهو قتل ٿي چڪا
 

راڻيپور: راڻيپور ڳوٺ وريو واهڻ ۾ 30 سالن کان زمين جي معاملي تان هلندڙ جوڻيجا برادري جي تڪرار ۾ هيل تائين 20 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.
 

نوجوان پوليس وٽ ويا هئا پر جان نه بچائي وئي: مقتولن جا وارث
 

راڻيپور: مقتولن جي وارث عورتن دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن ٻن نوجوانن کي جوابدارن پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوان جان بچائي پوليس وٽ پهتا پر ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي، اڄ جوابدارن نوجوانن کي پڪڙي وچ روڊ تي گوليون هڻي قتل ڪيو، اسان سان پوليس انصاف نه ڪيو.