سچل جي روضي جا چاپڙ ڪري پيا، زائرين معجزاڻي طور محفوظ، درازا ۾ هڙتال، ڌرڻو
جنوري 2, 2025
راڻيپور (ن پ ا) سنڌ جي صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جي روضي جا چاپڙ ڪري پيا، جڏهن ته زائرين معجزاڻي طور محفوظ رهيا، ان ڏس م سرمست جماعت ۽ دڪاندارن درازا شريف ۾ شٽربند هڙتال ڪري اوقاتي کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڪبر شاھاڻي، فقير عبدالسميع، منٺار ڀٽي، رانجهن فقير، صدام سومرو چيو ته سچل سرمست جي روضي جا چاپڙ ڪري پيا، جنهن ۾ زائرين معجزاڻي طور محفوظ رھيا، اوقاف کاتو اگھور ننڊ ستل آھي، اسان ڪيترائي ڀيرا وڏي وزير مراد علي شاهه، اوقاف جي صوبائي وزير کي درخواستون ڪيون ته روضو زبون حال آهي، ٻيهر تعمير ڪيو وڃي پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، جنهن ڪري هاڻي ڪرڻ شروع ٿي ويو آهي، هنن چيو ته سچل سرمست جي روضي کي ھنڌان ھنڌان ڏار پئجي ويا آھن، جنھن سبب روضو ڪنھن به وقت ڪَرِي سگھي ٿو، هنن چيو ته وڏي وزير اسپشل طور 35 ڪروڙن جي گرانٽ منظور ڪئي پر اوقاف کاتي جي بي حسي چئجي يا نااھلي جو ھڪ سال کان مٿي جو عرصو گذري وڃڻ باوجود ڪم شروع ناهي ڪرايو ويو، هنن روضي جي تعمير ڪرائڻ جي گهر ڪئي، هوڏانهن سجادهه نشين خواجه عبدالحق فاروقي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته برساتن دوران روضي کي وڏو نقصان رسيو ھو، جنھن ڪري چاپڙ ڪريا آهن، هن چيو ته اوقاف کاتي پنھنجي نااھلي ظاھر ڪندي ھڪ سال کان مٿي جو عرصو گذرڻ باوجود ان جو ٽيندر رليز ناھي ڪيو، جنھن تي مون سميت درگاھ جي مريدن، عقيدتمندن ۽ سرمست جماعت جي اڳواڻن کي ڳڻتي ۽ خدشا آھن.