سچ ڳالهايو ته قومي سلامتي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي، ڊراءِ ڪلينر ۾ سڀ “ڌوپجي” وڃن ٿا: سياست سيشن

سچ ڳالهايو ته قومي سلامتي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي، ڊراءِ ڪلينر ۾ سڀ “ڌوپجي” وڃن ٿا: سياست سيشن

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) اياز ميلي ۾ سانگ سياست جو سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو.  وسعت الله خان ماڊيٽر طور سوال ڪيو ته رياست آهي يا ليبارٽري.  ان موقعي تي دانشور فرنود عالم چيو ته وسعت الله خان سوال ۾ ئي جواب ڏئي ڇڏيندا آهن. ميوزيل چيئر سان هتي ڊرائي ڪلينر به آهي. جنهن ۾ سڀني کي وجهي ڌوتو وڃي ٿو. ليباٽري ۾ عوام کي وڌو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ سياست ئي ختم ٿي وئي آهي.جماعت الدعوه ۽ ٽي ايل پي به اليڪشن وٽ رجسٽرڊ هيون. هن چيو ته هي هڪ ٽرڪ آهي. جنهن ۾ سڀني لاءِ رياستي اشرافيه بتيون لڳايون آهي. عوام جي ٽرڪ جون بتيون وساميل آهي. پاڪستان ۾ جنگ وسيلي اسان فلاحي رياست ٿيڻ چاهيون ئي نٿا. سچ ڳالهايو ته قومي سلامتي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. ڪوڙ ڳالهايو ته ڪو خطور ناهي. پاڪستان جو مفاد ٽٽل روڊن ۽ جنگ سان جڙيل آهي. اسان جو بنياد تحفظ آئين آهي. پاڪستان ۾ آئين جو تقدس ناهي. سينيٽ. بلوچستان سميت سڀني اسيملين ۾ سياست ناهي اهي چيمبرس آف ڪامرس بڻيل آهي. سياست ٻاهر ٿي رهي آهي. مشهور صحافي منيزي جهانگير چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري قدرن لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي. ائون حيدرآباد ۾ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هتي جيڪو به ڊڪٽيٽر آيو آهي. ان کي هڪ منٽ به ساهه کڻڻ جو موقعو نه مليو آهي. ڊڪٽيٽر مان ڪڏهن اميد نه رهي آهي. هن چيو ته اڳ ۾ جمهوريت ڏٺي. هن چيو ته سياستدانن اسٽبليشمينٽ مان فائدو وٺي سيڙهي ڪرائي ڇڏي آهي. هاڻ بغير وارنٽ جي بلوچستان ۾ ڪنهن کي به ٽن مهينن کان قيد ڪري سگهو ٿا. ماهرنگ بلوچ قيد ۾ آهي. علي وزير انتهاپسندي خلاف ڳالهايو ته سکر جيل ۾ سڙي پيو. جيڪي ايم پي او قانون تحت اندر آهي. جنهن خلاف اهو قانون به لاڳو نه ٿيندو. عمران خان به قيد آهي. جيڪو رڳو آسمان ڏسي سگهي ٿو. ائين نه ڪرڻ گهرجي.  8 هزار ماڻهو گم آهن. سياستدانن پنهنجي ويڙهه وڙهي ته عوام گڏ بيٺل آهي. هتي جمهوريت نه رهي آهي.

اياز جي مداحن جو روحاني رقص، سرد هوائن ۾ ميلي جا نرالا رنگ

حيدرآباد: حيدرآباد جي سرد ھوائن ۾ ٻئي ڏينھن به اياز ميلي جا نرالا رنگ رھيا. محفل اياز ۾ راڳين سيف سميجو، راشد حيدري، وچن سنڌي، شڪيلا نون، مائي صاحبان مڱڻھار، ماروي سسٽرس، ڀورو ڀڳت گروپ، مارل گروپ، عاشق نظاماڻي ۽ آغا ثناءُ الله زبردست فن جو مظاھرو ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو. گيتن تي اياز جي مداحن زبردست روحاني رقص ڪندي جھمريون ھنيون. سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ ڪالهھ ٻئي ڏينھن به اياز ميلي جا انيڪ رنگ رچيل رھيا، ھزارين اياز جي عاشقن جي پيهھ رھي.
 

جمهوريت ۽ صحافت ڪنٽرولڊ آهي، رياست چئلينجز کي منهن ڏيندي: تجزيي نگار
 

حيدرآباد: سياست سيشن ۾ تجزيي نگار جاويد قاضي چيو ته پاور قانون مطابق نه پيا ڪن. پاڪستان ۾ هائبرڊ جمهوريت آهي. هتي هاڻ جمهوريت ناهي. هاڻ قبيلائيت هلندي. هاڻ سرداري نظام هلندو. جمهوري سسٽم ختم ڪيو ويو آهي. رياستن کي هاڻ چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. هتي جمهوريت  ۽ صحافت ڪنٽرولڊ آهي.