| سڊني جي دهشتگردن تي را سان لاڳاپن جو شڪ |
سڊني: پرڏيهي اخبار دي گارڊين موجب آسٽريليا 2020 ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي ٻن اهلڪارن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو هو اها ڪارروائي هڪ اهڙي نيٽ ورڪ جي خلاف ڪئي وئي جنهن کي آسٽريلوي ڳجهن ادارن جاسوسن جو ڳٺ جوڙ قرار ڏنو هو. رپورٽ موجب ملڪ بدر ڪيل ڀارتي ايجنٽ آسٽريليا ۾ ترسيل ڀارتي ماڻهن جي پروفائلنگ ۾ به ملوث هئا. ماهرين موجب سڊني حملي ۾ ملوث ٻنهي دهشتگردن جي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان رابطا هجڻ جون شاهديون به سامهون اچي رهيون آهن جن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.