سڊني حملي جو جوابدار نويد هوش ۾ اچي ويو، پوليس پاران جاچ

سڊني حملي جو جوابدار نويد هوش ۾ اچي ويو، پوليس پاران جاچ

ڪينبرا (م ڊ) آسٽريلوي ميڊيا رپورٽ چيو آهي ته سڊني بونڊي ساحل تي حملي ۾ ملوث مبينا حملي آور نويد اڪرم ڪوما مان ٻاهر آيو آهي ۽ هوش ۾ آهي. نويد اڪرم پوليس سان ڳالهائي رهيو آهي. فلپائين جي راڄڌائي منيلا ۾ اختيارين تصديق ڪئي ته ساجد اڪرم، تازو ئي هندستاني پاسپورٽ تي فلپائن جو سفر ڪيو هو، جڏهن ته سندس پٽ تازو ئي آسٽريليا جي پاسپورٽ تي فلپائن ويو. اها جاچ جاري آهي ته هو هتي ويڙهاڪ سکيا وٺڻ لاءِ آيا هئا يا نه. ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا ساجد اڪرم جي ڀارتي شھري ھجڻ جو اعتراف ڪري ورتو آھي. ساجد اڪرم 1998 ۾ ڀارتي شھر حيدرآباد کان آسٽريليا منتقل ٿيو. ڀارتي سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ جي ذريعن ڀارتي ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو تہ ساجد اڪرم جو تعلق ڀارتي رياست تلنگانہ جي شھر حيدرآباد سان آھي، جڏھن تہ ان جو پٽ نويد اڪرم آسٽريليا ۾ ئي پيدا ٿيو. ٻئي پاسي آسٽريليا بہ حملي آور ساجد اڪرم بابت ڄاڻ لاءِ ڀارتي انٽيليجنس ادارن سان رابطو ڪيو آھي.