سڊني حملي جي جوابدار نويد تي 50 الزام جي فرد جرم لاڳو

سڊني حملي جي جوابدار نويد تي 50 الزام جي فرد جرم لاڳو

ڪينبرا/نئين دهيل (م ڊ) سڊني جي بونڊي بينچ تي حملي جي زخمي جوابدار نويد اڪرم تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. آسٽريلوي پوليس چيو آهي ته بونڊي بيچ تي فائرنگ جي زخمي حملي آور تي دهشتگردي سميت 50 الزامن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف حملي ۾ ملوث ڀارتي دهشتگرد ساجد اڪرم ۽ سندس پٽ جا پاسپورٽ سامهون اچي ويا آهن. ساجد اڪرم جو پاسپورٽ ڀارتي ايمبيسي 24 فيبروري 2022 تي 10 سالن لاءِ جاري ڪيو.