| سڌو موسيٰ والا جي لاڏاڻي بعد اي آءِ ٽوئر جو اعلان |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي پنجابي ڳائڻي سڌو موسيٰ والا جي لاڏاڻي جي 3سالن بعد ‘سائونڊ ٽو گاڊ’ جي سري هيٺ اي آءِ ٽوئر جو اعلان ڪيو ويو آهي، سڌو موسيٰ والا جي ٽيم پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڄاڻايو ته ڳائڻي سڌو جو ڊجيٽل ڪردار اي آءِ جي مدد سان عالمي ٽوئر ۾ پيش ڪيو ويندو. سائونڊ ٽو گاڊ ٽوئر دوران سڌو موسي والا جو اي آءِ سان ٺهيل ڪردار آمريڪا، ڪئناڊا، گڏيل عرب امارتن، هندستان، برطانيه، آسٽريليا ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پرفارم ڪندو.