سڌو موسيٰ والا کي نئين گاني ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو 

سڌو موسيٰ والا کي نئين گاني ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو 

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي پنجاب جو مقتول گلوڪار سڌو موسي والا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجن مداحن جي دلين ۾ زنده ٿي ويو، سندس نئين گاني ”آئيز آن مي“ (Eyes on Me)  جو 34سيڪنڊن جو ٽيزر جاري ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي طوفان مچي ويو.رپورٽن موجب صرف ٻن منٽن اندر انهي ٽيزر يوٽيوب تي هڪ لک 20 هزار ويوز حاصل ڪري ورتا، جڏهن ته انسٽاگرام تي پڻ هزارين لائڪس مليا.  ٽن ڏينهن ۾ انهي وڊيو کي 31 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو . ٽيزر ۾ ايڪشن ۽ سنسني سان ڀرپور منظر ڏيکاريا ويا آهن، جنهن شوقينن جي دلچسپي کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. وڊيو جي شروعات هڪ نقاب پوش شخص سان ٿئي ٿي جيڪو هٿ ۾ پستول کڻي پنجاب جي نقشي تي ضلعي مانسا جي نشاندهي ڪري ٿو. ان کان پوءِ موسي والا کي جيپ هلائيندي ۽ مخالفن جو مقابلو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، هو پاڻ کي بچائڻ لاءِ فائرنگ ڪندي نظر اچي ٿو. ٽيزر ۾ شامل هڪ ٻول “منڊا بليڪ ڪيٽ تيري، تيري گولي مروا دو گي“   مداحن جو ڌيان ڇڪايو آهي   ذريعن موجب هن گاني ۾ گلوڪار جي قتل ۽ ان کان اڳ ٿيندڙ مبينا سازشن جي جهلڪ پڻ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن انهي جي اهميت کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته موسي والا جون اڳوڻيون ميوزڪ وڊيوز پڻ عالمي سطح تي غير معمولي مقبوليت حاصل ڪري چڪيون آهن، جن مان هڪ وڊيو تي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمينٽس پڻ ڪيا ويا هئا.گلوڪار جي قتل کانپوءِ هينئر تائين سندس ٽيم 12 گانا جاري ڪري چڪي آهي،