سڌي ڳالهه …اسٽيبليمينٽ جا “سياسي ميدان” ۾ زوردار اسٽروڪ ۽ سياستدانن جي فرينڊلي بالنگ

                 هن ڀيري دل پئي چاهيو ته سياسي معاملن کان صفا پاسيرو ٿي، ڪجهه عملي ادبي ڳالهيون ڪجن، پر ٽن ڏهاڪن کان صحافت سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري انهن سياسي چالاڪين ۽ سنڌ ڏانهن وڌندڙ ناڪاري قدمن تي لکڻ قومي فرض ۽ قرض  ٿو سمجهان، جيڪي سنڌ جي وحدت لاءِ هٿرادو طريقي سان تيزي سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ان ڪري انشاء الله ايندڙ ڪالم ناليواري ڪهاڻيڪار بادل جماليء جي ڪتاب “آخري واردات” تي ٻڌل لکبو، في الحال پاڻ سنڌ سان ٿيندڙ واردات جي تيارين ۽ ملڪي سياسي معاملن بابت ڳالهائينداسين.

                 ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجا اختيار ۽ طاقت وڌائڻ لاءِ سياستدانن ڏانهن تڪيندڙن 27هين ترميم بعد هاڻ ساڳين ئي سياستدانن کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آهن، انهيءَ ڪري سمورن  تجزين ۽ وي لاگن ۾ اهو چيو پيو وڃي ته 26ھين ۽ 27ھين ترميم لاءِ پنهنجا ڪلها استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندڙ پ پ وارن کي ڌمڪايو پيو وڃي ته اهي هاڻ 28هين ترميم لاءِ انهن معاملن تي به ووٽ ڪن، جيڪي 27هين ترميم ۾ کين فيس سيونگ ڏيڻ لاءِ عارضي طور پاسيرا رکيا ويا هئا، جن ۾  سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ سان گڏ سڄي ملڪ ۾ 12 صوبا ٺاهڻ، اين ايف سي مان صوبن جي حصي جي ڪٽوتي ۽ مڪاني نظام جا اختيار شامل آهن. اهو به چون ٿا ته  پ پ کان 28ھين ترميم ۾ اهي ڳالهيون مڃرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ٿيندي، جڏهن ته ِاهي به امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته ان کي نون صوبن واري معاملي تي 27ھين جيان  نئين  ترميم ۾ فيس سيونگ ڏيڻ جي ڳالهه م ان صورت ۾ طئي ٿي سگهي ٿي، جڏهن مڪاني ادارن جا اختيار يا فنڊ اين ايف سي سان ڳنڊيا وڃن. مطلب ته  فرشتا مڪاني ادارن جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ چاهين ٿا ته جئين ڪراچي کي وفاق ذريعي مڪمل طور ڪنٽرول ڪري سگهجي. انهيءَ ڪري  مصطفي ڪمال اهو بيان ڏنو هو ته پ پ 18ھين ترميم ۽  مڪاني ادارن بابت ڳالهائي، نه ته سنڌ ۾ نئون صوبو ٺهندو، جيڪو اصل ۾ طاقتورن جو پيغام سمجهڻ گهرجي.

”اينٽ سي اينٽ بجا دين ديگي” جو بيان سڀني کي ياد هوندو. تازو بلاول ڀٽو زرداري  به اهڙي ئي جذباتي انداز ۾ بيان ڏنو آهي ته 18ھين ترميم ڪنهن جو پيءُ به ختم نٿو ڪري سگهي. اهو بيان ٻڌي مونکي ناليواري اداڪار  صلاح الدين تنئي جو ڊرامي ۾ ادا ڪيل هڪ ڪردار ياد اچي ويو، جنهن ۾ کيس وڏو ڊاڙي ڏيکاريو ويو آهي، هر ماڻهو لاءِ چوندو آهي تہ اهو ته سندس کيسي ۾ آهي. سو هڪ همراهه چيس ته فلاڻي صاحب ۾ ڪم آهي، اهو ته  ڪرائي ڏي، خيال ڪجانءِ، ٻڌو آهي ته  ڏاڍو سخت ۽ چيڙاڪ اٿئي. موٽ ۾ صلاح الدين اندران ڊڄي ۽ چهري تي وري هٿرادو رعب آڻيندي چئي ٿو ته اهڙا، اسان سامهون ڪجهه ناهن. سو هو ٻئي ڏهاڙي تيار ٿي بااثر جي آفيس پهچي ٿو ۽ سندس اسٽاف تي دھمان ڪندي  چئي ٿو ته وڃي صاحب کي چئو فلاڻو خان آيو آهي. اسٽاف سندس رعب ۽ دٻدٻو ڏسي سمجهيو ته هيءَ واقعي به ڪو وڏو ماڻهو آهي. بااثر شخص پٽيوالي کي چيو ته اندر موڪليوس. سو هو جئين ڪمري ۾ داخل ٿيو ته سڌو ڪرسيءَ تي ويٺل بااثر جي پيرن تي وڃي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ قبلا  منهنجو مسئلو حل ڪري ڏي ۽ مان ان وقت تائين نه اٿندس، جيستائين فائل تي صحي نه ڪندين. پوءِ با اثر شخص بيزاريءَ مان پير ڇڏائي صحي ڪري مسئلو حل ڪري چئيس ٿو: بابا هاڻ اٿ هل  هتان. پوءِ هو ڪپڙا ڇنڊي ڪمري کان ٻاهر اچي ٿو، جتي درخواست گذار پڇيس ٿو ته، سائين ڏيو حال؟ جنهن تي صلاح الدين کيس  فائل ڏيندي چئي ٿو ته مسئلو ڪئين حل نه ڪندو؟…. اها وارتاذ بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته پاڪستان ۾ اهڙا کوڙ سياستدان آهن، جيڪي ڳالهيون ته وڏيون ڪري ويندا آهن، پر پوءِ معافي تلافي ڪري خلق کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيڪو صلاح الدين ڊاڙي واري ڪردار ۾ ڪيو، پر انهن جي حالت اصل ۾ بااثر شخص سامهون پيرن تي ڪرڻ واري هوندي آهي. پختون اڳواڻ سينيٽر ايمل ولي خان جون سينيٽ ۾ ڪيل بيباڪ ڳالهيون به هر ڪنهن ٻڌيون هيون، پر ڪجهه ڏينهن بعد ڇا ٿيو؟ اها سڀني کي خبر آهي. سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿيڻ بعد  همراهه اسڪرين تان ئي غائب ٿي ويو آهي. خواجا آصف قومي اسيمبلي ۾ ڇا ڇا نه چوندو هو؟ ٻيو ته ڇڏيو نواز شريف جو ئي مثال وٺو، جيڪو لنڊن مان جلسن کي خطاب دوران جنرل قمر جاويد باجوا کي داٻا ڏيندو هو، جڏهن ته مريم نواز وري ان کان به ٻه هٿ اڳتي هئي، پر تاريخ شاهد آهي ته سڀني جا سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪو اچي حڪومت جو چڱو مڙس ٿيو، ڪنهن پنجاب جي وڏ وزارت ورتي، ڪو بچاءُ جو وزير ٿيو ۽ ڪنهن وري ايوان صدر  وسايو. جيڪڏهن ان پسمنظر ۾ بلاول ڀٽي جي بيان کي وٺبو  ته واضح ٿيندو ته اهڙي قسم جي سخت بيانن جي ڪا اهميت ناهي، ان ڪري سنڌ جي وحدت خلاف 28ھين ترميم جي صورت ۾ جيڪي ڪوششون ٿين پيون، ان هر حوالي سان بيدار رهڻو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو پهريون موقعو آهي جو سنڌ جا نوان نقشا  ظاهر ڪري وڏي ديده دليري سان ان کي ٽن کان چئن ٽڪرن ۾ ورهايل ڏيکاريو ويو آهي.

ان سڄي وايو منڊل ۾ نواز ليگ جو ڪردار سلطاني شاهد وارو آهي، جيڪا هر ڳالهه مڃي رهي آهي. اهي تبرا به ٻڌجن پيا ته پ پ کي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت 27هين ترميم جي حمايت جي عيوض ڏني وئي آهي، جڏهن ته 28 مهين ترميم بعد گلگت ـ بلتستان ۾ حڪومت به پ پ کي ڏيڻ جون ڳالهيون ٻڌجن پيون، ان ڪري اهو سڀ  ڪجهه انتهائي خطرناڪ ٿي رهيو آهي ته سياستدان  پنهنجن سياسي فائدن کي ته اوليت ڏين پيا، پر ملڪ جي مستقبل ۽ جمهوريت جو کين ذرو به خيال ناهي ته ايندڙ وقت ۾ ان فرمائشي پروگرام جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ افسوس  جو طاقتور قوتون انتهائي مڪاريءَ سان سياسي پارٽين کان هڪ هڪ ڳالهه مڃرائي کين ڪمزور ڪن پيون. ٿي سگهي ٿو ته 28هين ترميم مان نون صوبن جي ڳالهه ڪجهه ٻين اهم ڳالهين جي حاصلات سبب اڳتي نه وڌي پر جيڪڏهن اهي مڪاني معاملن ۽ اين ايف سي وارو معاملو پنهنجي مرضيءَ سان مڃرائي ويون ته پوءِ 29ھين ترميم خاص طور نون صوبن  لاءِ هوندي.ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکندڙن کي خبر هوندي ته جڏهن ڪنهن ٽيم جي بيٽسمين تي دٻاُءَ ناهي هوندو ۽ بالنگ ڪمزور يا فرينڊلي ڪرائي ويندي آهي ته پوءِ اهي گرائونڊ ۾ پِچ جي چئني پاسن کان اسٽروڪ کيڏندا آهن. اڄڪلهه پاڪستان جي سياسي ميدان تي به ڪجهه اهڙي ئي صورتحال آهي، جتي اسٽيبلشمنٽ آزاد نموني هر پاسي اسٽروڪ کيڏي رهي آهي، انهن جا شاٽ ايترا زوردار آهن، جو فيلڊر بائونڊري لائين تائين وڃڻ کان روڪي به نٿا سگهن. 26ھين ۽ 27هين ترميم جي صورت ۾ ڇڪي مٿان ڇڪا ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته سلسلو ايندڙ وقت ۾ جاري رهندو. ان ڪري هاڻ طاقتور پنهنجي اصل طاقت ڏيکارڻ شروع ڪندا، ڇاڪاڻ ته سندن سامهون هڪ ڪمزور ڀِت جيان موجود سياستدان هڪ ڌڪي سان ڍير ٿيڻ ۾ دير نه ڪندا. سو مستقبل ۾ نه رڳو اهو ته وڌيڪ ترميمون پاس ٿينديون، پر اڳتي هلي گورنر راڄ وارا دڙڪا به ملندا. پوءِ جمهوريت جا دعويدار ۽ جذباتي بيان ڏيندڙ ڪرسيون بچائڻ لاءِ پيرن تي ڪريل ملندا، پر اهي هٿ وڍرائڻ بعد پير به ڪپرائي چڪا آهن، ان ڪري سندن حال پڻ انڌي منڊي جمهوريت جهڙو ٿي ويو آهي.

ياد رکو پ پ کي ڊيجاري ڊيجاري ۽ ھڪ  ھڪ ڪم وٺندا، انھن کي خبر آھي، پ پ سنڌ ورهائڻ تي راضي نه  ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اهڙو ڪو به فيصلو ان لاءِ آپگهاتي هوندو، جنهن ڪري ان کان ھاڻ بليڪ ميلنگ ذريعي ڪم ورتا ويندا ۽ آخر ۾ ڪنھن استعمال ٿيل ٽشو پيپر وانگر اڇلائي، پنھنجي مرضيءَ جو سيٽ اپ ھلائيندا. پ پ اندر وڏيرا جاگيردار تيار آھن ته کين سڏ ٿئي ۽ اھي پ پ کي الوداع چون، جئين  هنن  جنرل ضياءُ ۽ خاص طور پرويز مشرف جي وقت ۾ ڪيو هو. پير پاڳاري شاهه مردان شاهه جو هڪ خليفو ٻڌائيندو هو ته پرويز مشرف نجي محفلن ۾ چوندو هو ته اقتدار جي صورت ۾ نانگ سندس هٿ ۾ آهي، سندس چواڻي جيڪڏهن هو نانگ کي ڇڏيندو ته اهو کيس ڏنگي ختم ڪري ڇڏيندو، ان ڪري جيستائين طاقت آهي، جهليانس ٿو. هن مهل موجوده حڪمرانن جي به ڪجهه اهڙي ئي حالت آهي.