پاڻ اڄ انھن بابت ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جيڪي ٻين لاءِ تہ آواز اٿاريندا آھن، پر بدقسمتيءَ سان پنھنجي لاءِ ڳالھائي نٿا سگھن، شايد اھڙن ئي ماڻھن لاءِ چيو ويو آھي تہ، ”پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن“. اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن ڪو سوشل ميڊيا جو سھارو وٺي ھمٿ ڪري به ٿو تہ کيس مختصر نوٽيس تي گھر موڪليو وڃي ٿو، ان ڪري گھڻا خاموشي اختيار ڪرڻ ۾ بھتري سمجھندا آھن، جڏھن تہ ڪي ِمٿي ِڦريا وري مزاحمت واري واٽ تي ھلندي جدوجھد ڪن ٿا. مزاحمت جو اھو مطلب ناھي تہ لٺ باٺو کڻي پنھنجو موقف رکجي. جئين تہ اھي قلم ڌڻي آھن، ان ڪري وٽن سڀ کان وڏو ھٿيار خيالن ۽ لفظن جو ذخيرو آھي، جيڪو ھو پنھنجي اندر جو احساس بيان ڪرڻ لاءِ انتھائي خوبصورتي سان موقف جي صورت ۾ خلق آڏو رکن ٿا.
27 ڊسمبر تي ڪراچي پريس ڪلب جي سالياني چونڊ ھئي، جنھن ۾ مون به حصو ورتو ۽ اھو ٻڌائيندي خوشي ٿي رھي آھي تہ اسان جي دي ڊيموڪريٽس پئنل لاڳيتو 18ھون ڀيرو ڪلين سوئپ ڪاميابي حاصل ڪئي. ان جمھوري عمل جي تسلسل بابت بہ ٿورو ٻڌائبو ته ڪراچي پريس ڪلب اھو ادارو آھي، جتي ڀلي ڪجھ بہ ٿئي پر ھر سال چونڊ پنھنجي مقرر وقت تي ٿيندي آھي. ان جو سبب شايد اھو آھي تہ اتي سدائين قلم جي عظمت جو خيال رکيو ويو آھي، جنھن لاءِ ماضي ۾ ڪيترن ئي صحافين جيل بہ ڀوڳيا، ان ڪري جيڪڏھن ڪراچي پريس ڪلب جي تاريخ تي نظر وجھبي تہ اھا شاندار روايتن جي امين طور نروار ٿيندي نظر ايندي. ان ڪلب جون ٻيون بہ ڪيتريون ئي خوبيون ڳڻائڻ جھڙيون آھن، پر ِاھا وڌيڪ ساراھ جوڳي آھي تہ اتي ھڪ وڏي بورڊ تي انھن صحافين جون تصويرون لڳل آھن، جيڪي ڪڏھن ڪلب جا سرگرم ميمبر ھئا، پر ھاڻ دنيا ۾ ناھن رھيا. ھتي اھو ٻڌائڻ ۾ بہ خوشي محسوس ٿئي پئي تہ ڪراچي پريس ڪلب جو آئين جيڪو اڳ اردو ۽ انگريزي ۾ ھو، اھو ھاڻ ڪتابي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ بہ موجود آھي، جنھن جي ترجمي لاءِ چار سال اڳ جنرل ڪائونسل مان ٺھراءُ منظور ڪرايو ويو، جنھن بعد باقاعدہ ھڪ ڪميٽي ٺھي، جنھن آئين کي سنڌي ويس ڍڪايو. اھو پنھنجي ٻولي ۽ ڌرتيءَ لاءِ خوشي جي اظھار وارو ڏينھن ھو. انھيءَ ڪري جڏھن مھورتي تقريب ٿي تہ ان ۾ قلم ڌڻين جو وڏو انگ وڏي فخر سان شريڪ ٿيو ھو.
ھاڻ اچون ٿا پنھنجي اصل موضوع ڏانھن، جنھن لاءِ ڪجھ پسمنظر ۾ وڃڻو پيو. جئين عرض ڪيم تہ ڪراچي پريس ڪلب ۾ جمھوري طريقي سان سالياني چونڊ ٿيندي آھي، ان ڪري جيڪي بہ پئنل يا صحافي آزاد حيثيت سان بيھندا آھن، اھي فارم ڀرائڻ واري ڏھاڙي کان چونڊ مھم شروع ڪري ڇڏين ٿا. ڪو زمانو ھو جو رابطن لاءِ 15 ڏھاڙا رکيا ويندا ھئا، پر جئين تہ ھاڻ جديد سوشل ميڊيا جو دور آھي، ان ڪري ِاھا مھم ذري گھٽ ٽن ڏينھن تائين محدود ٿي وئي آھي، پر اھا انتھائي تيز رفتار ۽ ٿڪائيندڙ ھوندي آھي، ڇاڪاڻ تہ ان لاءِ ھر ان اداري ۾ وڃي ووٽ گھرڻو پوندو آھي، جتي ڪلب جا ميمبر ورڪر طور ڪم ڪندا آھن. چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي ڪري اٽڪل ھر اداري ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو، جتي اھو ڏسي خوشي ٿي ماضي جي ڀيٽ ۾ صحافتي ادارن جون آفيسون شاندار ھيون، خاص طور ڪجھ سنڌي ۽ اردو ميڊيا جون ڪيتريون آفيسون وڏن بنگلن ۽ پوش علائقن ۾ نظر آيون، پر اصل ڳالھ جنھن پريشان ڪري ڇڏيو، اھا اتي ويٺل ڪارڪنن جي حالت زار ھئي. خبر نٿي پوي تہ ان کي ڪئين بيان ڪجي؟ جئين پاڻ سنڌ جي معاشي حالت ڏسي `خوشحال سنڌ جا بدحال ماڻھو ` جو تبصرو ڪندا آھيون، جيڪڏھن ميڊيا ۾ موجود اھڙن دوستن لاءِ بہ ِاھي لفظ استعمال ڪجن تہ `خوشحال ادارن جا بدحال ورڪر ` تہ ان ۾ ڪو وڌاءِ نہ ٿيندو، پر اھو ڪڙو سچ ھوندو.
چونڊ مھم دوران اھڙن اھڙن دوستن سان پڻ ملاقات ٿي، جن سان 20 کان 25 سال اڳ گڏجي ڪم ڪيو، جيڪي ان وقت صحافتي جذبي سان سرشار ھئا، پر ھاڻ سندن چھري جي تاثرات مان ائين پئي لڳو تہ ُاھي ذھني توڙي جسماني طور سخت ٿڪل ھجن، جيڪي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ ۾ مشھور ھوندا ھئا، انھن کي خيالن ۾ گم ٿيل ڏٺو، ان ڪري ڳالھين کي ڊيگھ ڏئي ۽ ماضي کوٽي کين کلائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن ٽھڪ تہ ٻڌڻ ۾ نہ آيا پر انھن کي ان ڳڻتيءَ ۾ ورتل ۽ سوال ڪندي ضرور ڏٺو تہ ميڊيا جون حالتون خراب آھن، خبر ناھي مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟ سڀني صحافين کي ياد ھوندو تہ جڏھن اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور شروع ٿيو ھو تہ اھڙي ڳڻتي پرنٽ ميدِِيا وارا ظاھر ڪندا ھئاسين، پر ھاڻ اھو خدشو اليڪٽرانڪ ميڊيا وارن واتان بہ ٻڌون پيا. مطلب ھر پاسي کان قلمي پورھيت سورن ۾ ورتل آھي.
چونڊ مھم دوران ھڪ اردو ميڊيائي اداري ۾ ھڪ پراڻي صحافي دوست جي حالت ڏسي اکين ۾ لُڙڪ تري آيا. ڪنھن دور ۾ جڏھن ھو اسان سان ھڪ سنڌي اخبار ۾ ڪم ڪندو ھو تہ شھزادن جيان ھو، خوش لباس ۽ کِل ڀوڳ وارو، پر ھاڻ ھو پنجاھ سالن جي عمر باوجو ستر سالن جو پوڙھو پئي لڳو. ڳالھايائين تہ لفظ سندس ساٿ نہ ڏئي رھيا ھئا، غور سان ٻڌڻ بعد خبر پئي تہ فالج جي اٽيڪ سبب کيس ڳالھائڻ ۾ تڪليف پئي ٿي، اٿڻ ويھڻ ۾ بہ مزو نہ ھئس، سڄو وجود ڏڪڻ باوجود گھر ھلائڻ لاءِ ڪمپيوٽر سامھون ويھي نوڪري ڪري ٿو، جڏھن تہ اھڙي صورتحال ۾ کيس اصولي طور آرامي ٿيڻ گھرجي، سٺي ڳالھ آھي تہ محنت ڪري ٿو پر سندس صحت ڪنھن بہ طور ان جي اجازت نٿي ڏئي تہ ھو ايترو سخت ذھني پورھيو ڪري. کيس ڏسي ان مھل صحافتي تنظيمون ياد آيون، جيڪي ھر سال حڪومت کان صحافين جي ڀلائيءَ جي نالي تي ڪروڙين رپيا فنڊ وٺن ٿيون پر انھن کي ِاھي قلمي پورھيت نظر نٿا اچن، جيڪي فالج يا ٻين بيمارين باوجود پنھنجي ٻچن جي گذرسفر لاءِ ڪراچي جھڙي اجگر شھر جي ڏورانھن علائقن ۾ تڪليف ڪري پھچن ٿا. اڳ اھو زبردست ھوندو ھو تہ اخبارن جون 90 سيڪڙو آفيسون آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ھونديون ھيون، پر ھاڻ سڀ ڪجھ تبديل ٿي ويو آھي.
صحافين جي اھا حالت بيان ڪرڻ تي لازمي طور گھڻن جي ذھن ۾ اھو سوال اڀريو ھوندو تہ اھڙا بہ تہ صحافي آھن، جيڪي خوشحال زندگي گذارين ٿا. جنھن جو جواب اھو آھي تہ ھن وقت صحافي برداري ۾ بہ طبقاتي فرق اچي چڪو آھي. ھڪڙا اُھي صحافي – جيڪي پگھارن تي گذارو ڪري زندگي گذارين ٿا، انھن جي اڪثريت مالي مسئلن جو شڪار آھي. ٻيا اھي صحافي، جن کي وڏيون پگھارون آھن ۽ ٽيان اھي صحافي، جيڪي زرد صحافت تي عمل ڪندي شارٽ ڪٽ ذريعي دولت سان کيڏين پيا. جن وٽ بلڪل اھڙا ئي مھانگا گھر ۽ اھڙيون گاڏيون آھن، جيڪي ڪنھن وڏيري، جاگيردار ۽ بااثر وٽ ھونديون آھن. انھيءَ ڪري بہ صحافت اھاُ نہ رھي آھي، جنھن ۾ ڪو وقت ھو تہ ڪمٽيٽيڊ صحافين جي ڳولا ٿيندي ھئي. تنھن وقت ۾ ايڊيٽر اھڙو رکيو ويندو ھو، جيڪو ھر قسم جو سرڪاري دٻاءُ برداشت ڪرڻ ۽ حق توڙي سچ ڳالھائڻ جي جرئت ڪندو ھجي، پر ھاڻ اھو سڀ ڪجھ ماضي جو حصو ٿي چڪو آھي، ڇاڪاڻ تہ گھڻي ڀاڱي ادارا سرمائيدار ھلائين ٿا، جن کي نہ صحافت سان ڪا دلچسپي آھي ۽ نہ وري صحافت جي “ص” کان واقفيت رکن ٿا، انھيءَ ڪري اھي صحافتي ادارن کي بہ ڪنھن فيڪٽري وانگر ھلائڻ ڄاڻن ٿا.
ِاھي تہ ڪجھ شيون بيان ڪيون آھن، جيڪي ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊ مھم دوران ڏٺيون، جيڪڏھن ٻين تي بہ قلم کڻجي تہ گھڻو لکي سگھجي ٿو، ان ڪري ٻيون ڳالھيون لکجن تہ صحافت جي دنيا کي ورھيہ ڏيندڙ قلمي پورھيتن جو داستان ڊگھو ٿي ويندو، ان ڪري شاندار آفيسن ۾ ويٺل بيحال ڪارڪنن جي واھر ٿيڻ گھرجي، ڇا ڪا صحافتي تنظيم اھڙي آھي، جيڪا سندن آواز بڻجي؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو گرانٽ وٺي پاڻ ۾ ورھائڻ يا سال ۾ ھڪ ڀيرو پروگرام ڪرڻ صحافين جي خدمت ناھي، اھا پيداگيري جيڪا بند ٿيڻ گھرجي.