پاڻ پوئين هفتي اهو طئي ڪيوسين ته ايندڙ ڪالم ۾ سياسي معاملن کان پاسيرو ٿي نامياري ڪهاڻيڪار بادل جماليءَ جي نئين آيل ڪهاڻين جي ڪتاب “آخري واردات” بابت ڳالهائينداسين. سچ پڇو ته واعدو ڪري ويٺاسين، نه ته هن هفتي معذرت ڪريون ها، پر اهو مناسب نه پئي لڳو ته واعدي خلافي ڪجي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ جنهن صورتحال مان گذري پيو، ان جو سبب اهي واعدي خلافيون آهن، جيڪي 14 آگسٽ 1947ع ۾ ڪيون ويون. شايد انهيءَ ڏمر جي ڪري ملڪ، جمهوريت ۽ عوام سڀ ڪجهه ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندا پيا وڃن. جڏهن ته هر دور ۾ ايندڙ حڪمرانن جا ٺٺَ هوندا آهن. نتيجي ۾ پاڪستانين جو حشر ماما لالوءَ جهڙو آهي، جيڪو سدائين سورن ۾ رهي ٿو. خاص طور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ته ويڌن لڳي پئي آهي، ڪو به پل اهڙو نٿا ڇڏين، جنهن ۾ پاڪستان اندر سڀ کان پهريان شامل ٿيل سنڌ وطن جا ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهن. وس نٿو پڄين، نه ته گهُٽو ڏئي ساهه به پنهنجن هٿن سان ڪڍن. ان ڪري اهڙي بيوسيءَ جي ڪاوڙ سنڌ جي وحدت سان کيڏڻ جي ڪوشش ذريعي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ان ڏس ۾ مختلف وقتن تي مختلف بهانا ڪري ۽ ڪردار سامهون آڻي ان ناپاڪ رٿا تي عمل لاءِ هٿ پير هنيا ويا، پر ناڪام ٿيا. اڄڪلهه اهڙي ئي هڪ ٻئي سازش سٽي وئي آهي، جنهن لاءِ لاهوري بابُو ميان عامر محمود نالي شخص پنجاب مان اسائينمينٽ کڻي ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ بابت ڳالهائي رهيو آهي. ٽي ڏينهن اڳ هن سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جو رخ ڪيو، جتي هو پهريان ڪچن ذهنن مطلب نوجوانن کي ورغلائڻ لاءِ هڪ يونيورسٽي پهتو، جتي هن سنڌ کي ستن صوبن ۾ ورهائڻ سميت ملڪ ۾ 33 صوبا ٺاهڻ جو فارمولو پيش ڪيو. سندس ٻئي گڏجاڻي وري واپارين سان هئي، جن مان اڪثريت جو ڪردار سدائين سنڌ دشمن رهيو آهي، جنهن جو اظهار هنن ڪراچي کي صوبو بڻائڻ جي حمايت سان ڪيو. چوندا آهن ته جڏهن وطن تي ڪنهن جي ميري نظر هجي ته فڪرائتو ٿيڻ گهرجي، ان ڪري سوچ ورائي وئي ته بادل جمالي صاحب کان معافي وٺي، ان اهم موضوع تي لکجي، ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا کانسواءِ سنڌ جي ڪنهن به سياسي پليٽ فارم تان عامر محمود کي ڪو سخت جواب نه پئي ڏنو ويو. اهڙين حالتن ۾ وري ڪجهه اهڙي سوچ رکندڙن کي به منهن ڏيڻو پئجي ٿو، جن جو موقف هوندو آهي ته انهن کي سنجيده نه وٺو. مطلب ته هڪڙو شخص 7 ڪروڙ ماڻهن جي تاريخي ديس کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ته ان تي خاموش رهجي؟ انهيءَ ڪري پاڻ چُپ رهڻ بدران پنهنجو قومي فرض نڀائيندي کليل ڳالهائڻ سميت ٻه ڪالم پڻ ان موضوع تي لکيا، جنهن جو مقصد اهو هو ته ڪنهن ايري غيري نٿو خيري کي اهوحق نٿو ڏئي سگهجي ته اهو سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جو سوچي سازش ڪري. ان بنياد تي واعدي خلافي جو سوچيو پر ڪراچي ۾ صحافين سان گڏجاڻي دوران سهيل سانگي، وسعت الله خان، مظهر عباس، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، سعيد خاور، امتياز خان فاران ۽ سعيد سربازي طرفان ميان عامر محمود کي صوبن جي مخالفت ۾ ڏنل جاندار جواب بعد ارادو ملتوي ڪري پنهنجي واعدي تي قائم رهڻ جو فيصلو ڪندي ڪتاب بابت لکڻ شروع ڪيو، جو دل مطمئن ٿي ته سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائيندڙن جو رستو روڪڻ وارا هاڻ رڳو سنڌي ناهن پر اهي اردو، سرائيڪي ۽ بلوچ قلم ڌڻي به آهن، جيڪي ورهين کان هتي رهندي سنڌ کي پنهنجي ماءٌ سمجهن ٿا، جنهن جي جهلڪ سندن سنڌ دوست موقف مان چٽي نظر آئي. اسان جي هڪ غير سنڌي صحافي دوست نعمت خان ته ميان عامر محمود کي اهو چئي سندس نَڪ وڍي ڇڏيو ته صوبن جي شروعات پنجاب کان ڇو نٿا ڪريو ۽ جڏهن سڄي سنڌ، صوبو نٿي چاهي ته پوءِ ان تي ڳالهايو ڇو ٿا؟
اهڙي دل خوش ڪندڙ جواب بعد هاڻ واعدي تي عمل ڪندي اچون ٿا بادل جمالي صاحب جي پڌري ٿيل پنجين ڪتاب “آخري واردات” ڏانهن، جنهن جي مهورتي تقريب ڪجهه ڏينهن اڳ عوامي پريس ڪلب رزاق آباد ملير ۾ ٿي. هڪ مقرر طور شرڪت ڪرڻ سبب ڪتاب تڪڙو اک مان ڪڍڻو پيو. مطالعي مان خبر پئي ته بادل جمالي پاڻ ته ڳالهائي ئي ڳالهائي ٿو پر سندس ڪهاڻين جا ڪردار به ڳالهائين ٿا. 10 ڪهاڻين تي ٻڌل مجموعي جي هر هڪ ڪهاڻي پڙهڻ سان ائين پئي لڳو ته انهن ۾ ڪيل ڳالهيون هر ماڻهوءَ جي اندر جي ترجماني ڪن ٿيون، جنهن جو اشارو سياسي سماجي اڳواڻ خدا ڏني شاهه ٻوڏ متاٽرن بابت لکيل ڪهاڻي “گهايل ڪئين گهاريان” جو مثال ڏيندي چيو ته ڪهاڻي پڙهي کيس ٻوڏ وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ لڳايل ڪئمپ ياد اچي وئي، جتي بلڪل ائين ٿيو، جئين بادل جمالي بيان ڪيو آهي. مٿي عرض ڪيم ته ڪتاب جي هر ڪهاڻي ۽ ڪردار ڳالهائي ٿو پر هن ڪتاب جي سڀ کان وڌيڪ جاندار يا کڻي چئجي ته ڪتاب جو نڪُ، ملهار فقير لنگهي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ فقير ۽ سندس گهرواريءَ ملوڪان وچ ۾ مڪالمي بازي واهه واهه ڪرائي ڇڏي ٿي. ملهار فقير پنهجي مگڻهاري سڃاڻپ سان پيار ڪندڙ شخص آهي، جيڪو آخري وقت تائين دهل کي سيني سان سانڍي رکڻ چاهي ٿو، پر کيس ان وقت افسوس ورائي وڃي ٿو، جڏهن پيرسنيءَ ۾ بک ۽ اڃ وگهي گهرواريءَ جي زور ڀرڻ تي ٻاهر نڪري دهل وڄائي ڪجهه ڪمائڻ چاهي ٿو پر سندس طبيعت خراب ٿي پئي ٿي. پوءِ ٻئي ڏهاڙي اهڙا حال ڏسي ڪجهه ماڻهو همدردي ۾ کيس ڪڻڪ ڏين ٿا، ڪجهه تنگ نظر ان کي پنڻ قرار ڏيندي مٿس سخت تنقيد ۽ ٺٺول ڪن ٿا، جنهن بعد هو گهر پهچي ڏاڍو روئي ۽ زال تي ڪاوڙجي ٿو ته سندس چوڻ تي ٻاهر نڪرڻ سبب اهي مهڻا برداشت ڪرڻا پيا. ان ڪهاڻيءَ ۾ تنقيد، طنز ۽ ڪجهه مزاح سان سلهاڙيل ڊائلاگ سميت گهڻيون ويرائٽيون شامل آهن.
اڄڪلهه سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌندڙ بگاڙ تي سڀ پريشان آهيون، پر بادل جمالي پنهنجين ڪهاڻين ۾ بهترين ٻولي استعمال ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هن اهي لفظ، چوڻيون ۽ پهاڪا لکيا آهن، جيڪي اڌ يا مُني صدي اڳ ته عام طور ڪتب آڻبا هئا، پر هن وقت ڪو نوجوان شاعر، اديب، ليکڪ ۽ صحافي نٿو ڪري. فرض ڪريو جيڪڏهن ڪو ڪري به ٿو ته انهن جا اُچار ڪنهن نيوز اينڪر، فنڪار ۽ هوسٽ جي وس جي ڳالهه ناهي. ان ڪري اهو چئي سگهجي ته ڪهاڻيون پڙهڻ سان ٻوليءَ بابت ڄاڻ به ملي ٿي ته ڇيت، ڪُت، جُهڙ ڦُڙ، گرُگُلو، کونگهرا، ڳِيت، کٽمٺڙو، ننڊ جا گهيرٽ، گهگهه اونداهي، پکين جا چِرڙاٽ، ڦٽين جون ڄوٽيون ۽ سرِنهن ڦولارجي پئي، ڇا آهي؟ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن سوين نج لفظن سان ڀريل آهي، ان ڪري اهو نئين ٽهيءَ کي پڙهڻ گهرجي، خاص طور انهن مان ڪجهه ڪهاڻيون جيڪڏهن ڊرامن طور پيش ڪجن ته سنڌي چئنلن تي ڊرامن جو ڪِرندڙ معيار بحال ٿي سگهي ٿو، جتي نه ٻوليءَ، نه ڪهاڻي ۽ نه وري ڪردارن جو خيال رکجي پيو. ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻي “سپنن کي ڪير سمجهائي” به واهه جي آهي، جيڪا ٽيڪسي ڊرائيور جي هڪطرفي محبت جي چوڌاري گهمي ٿي. ڊرائيور ۽ ڊاڪٽر وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه به ڏاڍي وڻي، جنهن ۾ هڪ موقعي تي ڊرائيور چئي ٿو ته، “ڊاڪٽر صاحب! مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ايئرپورٽ واري ڇوڪري منهنجو آخري اسٽاپ آهي”. موٽ ۾ ڊاڪٽر کيس چئي ٿو ته، “ان ڳالهه جي جاچ وٺو ته هوءَ به راضي آهي يا رڳو ون وي ٽريفڪ آهي”؟
هتي ڪهاڻي “گهايل ڪيئن گهارين” ۾ جو ذڪر نه ڪجي ته زيادتي هوندي، جيڪا ٻوڏ متاثرن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ چئن مهينن کان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ فصل جي تباهيءَ تي هڪ پيرسن ميڊيڪل ڪئمپ پهچي ڊاڪٽر سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو، اها روئاري ڇڏي ٿي. حالتن کان تنگ پيرسن ڊاڪٽر کي چئي ٿو: “ابا هڪڙي ڳالهه چوانءِ، ڪا اهڙي سُئي هڻ، جنهن کان پوءِ دنيا ۾ نه هجان. حياتيءَ کان بيزار ٿي پيو آهيان”. ان ڪهاڻيءَ بعد ڪهاڻي “ليڊر” ۾ ملڪ جي سياسي ميدان جو سٺو ڇيد ڪيو ويو آهي. باقي ڪهاڻي “مسافر محبتون” جي پڄاڻيءَ تي اختلاف آهي. ان ۾ مزو نه آيو، جڏهن ته ٻن ڀينرن تي لکيل ڪهاڻي “منهنجي گُڏڙي” ۾ جيڪي احساس بيان ٿيل آهن، اهي وڻيا. “نصيبان جو نصيب” معاشري جي اهم مسئلي تي ٻڌل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ لاڳيتو مـڱڻا ٽٽڻ تي نڀاڳي قرار ڏنل ڇوڪريءَ کي هڪ پڙهيل لکيل نوجوان پنهنجو بڻائي شعور ورهائي ٿو. ڪهاڻي “روزيءَ تي لت” ٽن صفحن تي ٻڌل ننڍڙي ڪهاڻي آهي، پر ان ۾ پيغام وڏو ڏنل آهي. ڪتاب جي پڄاڻي “آخري واردات” نالي ڪهاڻي تي ٿئي ٿي، جيڪا هڪ ڏوهاري جي وڏيري لاءِ آخري واردات تي ٻڌل آهي.
ڪتاب جو نالو هن ڪهاڻيءَ جي حساب سان “آخري واردات” آهي، پر دعا ڪنداسين ته بادل جمالي صاحب اهڙيون وارداتون تسلسل سان ڪندو رهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌي ڪهاڻي ۽ ٻوليءَ جو فائدو هجڻ سان گڏ سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي به ٿئي ٿي. اچو ته سنڌ جي وحدت سان هٿچراند ڪندڙن بابت به ڪهاڻيون لکون، ٻئي صورت ۾ ڦورو سنڌ سان وارداتون ڪندا رهندا.